Book Name:Tere Deen Ki Sarfarazi
پاڻ خدا جي راهه جا مسافر نه هئا. پر انهن ٽن نبين جي ديني قافلي جي مدد لاءِ ڳوٺ مان ئي شامل ٿيا ۽ دين جي خدمت جي جذبي تحت شهيد ٿي ويا ته الله پاڪ کين ڪيترو نه اعليٰ مقام عطا فرمايو.
پيارا اسلامي ڀائرو! اهڙيءَ طرح بزرگانِ دين جي سيرت پڙهو! * حجة الوداع جي موقعي تي تقريباً 1 لک 24 هزار صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْہُم موجود هئا، جڏهن ته بقيع پاڪ ۾ صرف 10 هزار اصحابن جون مزارون آهن، بقايا 1 لک 14 هزار صحابه ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْہُم مديني شريف ۾ دفن نه ٿيا، سڀني سفر فرمايو، ٻين علائقن ۾ پهچي نيڪيءَ جي دعوت عام ڪيائون ۽ اتي ئي سندن مزارون ٺهيون * پاڪستان ۾ به اصحابن جون مزار موجود آهن * اهڙيءَ طرح حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي ولادتِ پاڪ جيلان ۾ ٿي پر سندن مزارِ شريف بغداد ۾ آهي، پاڻ دين جي خدمت خاطر بغداد ويا، سڄي زندگي دين جي خدمت ڪندا رهيا ۽ آخرڪار اتي ئي وصال فرمايائون * حضور داتا گنج بخش علي هجويري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي ولادت غزني ۾ ٿي پر سندن مزار پاڪ لاهور ۾ آهي * حضور خواجه غريب نواز رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي ولادت سجستان ۾ ٿي، پر سندن مزار پاڪ اَجمير شريف هندستان ۾ آهي. مطلب ته انهن الله وارن جي زندگيءَ جو هڪ ئي مقصد هو ته:
میری زندگی کا مقصد تیرے دِیں کی سرفرازی میں اسی لیےمسلماں، میں اسی لیے نمازی
بس ان ئي ديني جذبي تحت اِهي حضرات پري پري جا سفر ڪندا هئا، پنهنجو گهر ٻار ڇڏيندا هئا، پنهنجي ٻارن کان به پري رهندا هئا، مشقتون به برداشت ڪندا هئا ۽ دين جي خدمت ۾ مصروف رهندا هئا.