Book Name:Tere Deen Ki Sarfarazi
تنگدستی مٹے دور آفت ہٹے لینے کو بَرَکتیں ،قافلے میں چلو
ہے نبی کی نظر قافلے والوں پر آؤ سارے چلیں قافلے میں چلو([1])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
حضرت خُبَيب رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جي شهادت
پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت خبيب رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جيڪي قيد ۾ هئا، آخرڪار مڪي وارن کين شهيد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. تنهنڪري انهن کي اتان ڪڍي مقامِ تنعيم تي وٺي ويا. مڪي جا ماڻهو جيئن ته سندن اخلاق کان تمام گهڻو متاثر هئا، تنهنڪري مڪي جا تمام گهڻا ماڻهو جن ۾ ٻار ۽ عورتون به شامل هئا سندن پويان پويان تنعيم جي مقام تي پهچي ويا. ماڻهن جو هڪ تمام وڏو هجوم هو. حضرت خُبيب رَضِیَ اللهُ عَنْہُ فرمايو: مون کي بس ٻه رڪعتون نماز پڙهڻ ڏيو ...!!
حضرت ابوهريره رَضِیَ اللهُ عَنْہُ فرمائن ٿا: حضرت خُبيب رَضِیَ اللهُ عَنْہُ پهريون شخص آهي جنهن شهادت جي وقت ٻه رڪعتون نماز پڙهڻ جي سنت قائم ڪئي. ([2])
نماز پڙهڻ کان پوءِ حضرت خُبيب رَضِیَ اللهُ عَنْہُ کي زنجيرن سان ٻڌو ويو. ان وقت مڪي وارا چوڻ لڳا: اسلام کان ڦِري وڃو! اوهان کي آزاد ڪيو ويندو. پاڻ جذبهءِ ايمانيءَ سان سرشار ٿي فرمايائون: زمين تي جيڪو ڪجهه آهي، جيڪڏهن اهو سڀ ڪجهه مون کي ڏنو وڃي، تڏهن به مان اسلام کان نه ڦرندس.
غير مسلمن چيو: ڇا تون اهو پسند ڪندين ته هِن وقت تنهنجي جاءِ تي، توهان جو نبي محمد صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هجي ها ۽ تون آرام سان پنهنجي گهر ۾ پنهنجي ٻارن سان گڏ ويٺو هجين ها؟ پاڻ فرمايائون: خدا جو قسم! مان