Tere Deen Ki Sarfarazi

Book Name:Tere Deen Ki Sarfarazi

بهترين ذريعو آهي۔ سڄي دنيا ۾ ديني تعليمات کي عام ڪرڻ ۽ دلين ۾ دين جي محبت پيدا ڪرڻ جو سڀ کان ڪامياب ذريعو قافلو ئي آهي۔ 

دعوتِ اسلاميءَ جيتوڻيڪ هڪ منظم طريقي سان قافلن جو سلسلو شروع ڪري رکيو آهي، پر قافلن جو اهو سلسلو ته شروع کان ئي جاري آهي۔* پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم به قافلا روانا فرمايا هئا، *صحابه ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْہُم پڻ قافلن ۾ سفر فرمائيندا هئا ۽ * انهن کانپوءِ علماءِ ڪرام ۽ اولياءِ ڪرام رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْهم به هن سلسلي کي جاري رکيو. اچو ته صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْہُم جي هڪ قافلي جو درد ڀريو داستان ٻڌون ٿا: 

هڪ قافلي جو درد ڀريو داستان

بَنُو لِحيان عرب جو هڪ غير مسلم قبيلو هو. هڪ ڀيرو اُن قبيلي جا ڪجهه ماڻهو بارگاههِ رسالت ۾ حاضر ٿيا ۽ صرف منافقت جي بنياد تي چوڻ لڳا: اسان دينِ اسلام سکڻ چاهيون ٿا، توهان کي عرض آهي ته ڪجهه صحابه ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْہُم کي اسان سان گڏ روانو ڪريو ته جيئن اهي اسان کي دين سيکارين. پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سندن درخواست قبول فرمائي ۽  6، يا 10  صحابه ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْہُم جو هڪ قافلو انهن سان گڏ روانو فرمائي ڇڏيائون. حضرت عاصم يا حضرت مَرثد رَضِیَ اللهُ عَنْہُما کي اُن قافلي جو امير بڻايو ويو. 

انهن اصحابن مديني جون عجوہ کجور پاڻ سان گڏ کنيون. روايتن ۾ آهي ته رستي ۾ اِهي حضرات کجور کائي گذارو ڪندا رهيا. جڏهن هي مبارڪ قافلو دين جي تعليم کي عام ڪرڻ جي مقصد سان رجيع نالي هڪ جاءِ تي پهتو ته بنو لِحيان قبيلي وارن ساڻن غداري ڪئي. سندن پهريان کان ئي خفيه منصوبو ٺهيل هو، هن جاءِ تي اڳ ۾ ئي 100 يا 200 جي لڳ ڀڳ ماڻهو