Book Name:Tere Deen Ki Sarfarazi
پيارا اسلامي ڀائرو! قافلو عِلْمِ دِين سکڻ ۽ سيکارڻ جو بهترين ذريعو آهي. الحمد للہ! مدني قافلي جي برڪت سان * سنتون سکڻ جو موقعو ملندو آهي * وضو * غسل * ۽ نماز جا ضروري مسئلا ۽ احڪام سکڻ جو موقعو ملندو آهي * قرآن ڪريم جون مختصر سورتون ياد ڪرڻ جي سعادت ملندي آهي * تجويد ۽ قراءَت سکڻ نصيب ٿيندو آهي ۽ ٻيو به گھڻو ڪجھ اهڙو آهي جيڪو اسان کي سکڻ جي ضرورت آهي، پر ڪجهه عِلمَ ته اهڙا آهن جيڪي هر مسلمان تي سکڻ فرض آهن. اَلحمدُ لِلّٰہ! قافلي جي برڪت سان اهي فرض عِلمَ به سکڻ نصيب ٿي ويندا آهن.
علمِ دين نه سکڻ حسرت جو سبب آهي
پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: قيامت جي ڏينهن سڀ کان وڌيڪ حسرت ان کي هوندي، جنهن کي دنيا ۾ عِلمِ دِين سکڻ جو موقعو مليو پر هن نه سکيو. ([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! اڄ اسان وٽ موقعو آهي، وقت آهي، ساهه هلي رهيو آهي، اسان قيامت جي حسرت کان بچڻ جي تياري ڪريون، قافلن ۾ سفر ڪريون، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! عِلْمِ دِين سکڻ نصيب ٿيندو.
علم حاصل کرو جَہْل زائل کرو پاؤ گے راحتیں قافِلے میں چلو
سنّتیں سیکھنے تین دن کیلئے ہر مہینے چلیں قافِلے میں چلو ([2])
قافلن ۾ سفر ڪرڻ جي برڪت سان مسجد ۾ تڪبيرِ اوليٰ سان پنج وقت فرض نمازن جي ادائيگي ۽ نفلي نمازون جهڙوڪ تہجد، اشراق، چاشت ۽