Book Name:Tere Deen Ki Sarfarazi
کہتے عطّارؔ ہیں، جو مرے یار ہیں وہ ہر اک سے کہیں ،قافلے میں چلو ([1])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! راهه خدا ۾ سفر ڪرڻ جون ان کان علاوهه به کوڙ ساريون برڪتون آهن، توهان به قافلن ۾ سفر ڪندا ڪريو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! * بيماريون دور ٿينديون * تنگدستي کان نجات ملندي * رزق ۾ برڪت ٿيندي * دعائون قبول ٿينديون * گھريلو ناچاقيون ۽ ناجائز مقدمن کان نجات ملندي * نيڪ ماڻهن جي صحبت نصيب ٿيندي * سنتن تي عمل ڪرڻ، نيڪ بڻجڻ ۽ گناهن کان بچڻ جو ذهن ملندو * دنيا ۽ آخرت جون ڀلايون نصيب ٿينديون. امير اھل سنت دامَت بَرَڪاتُهُمُ العالِيه فرمائن ٿا: هر اسلامي ڀاءُ زندگيءَ ۾ هڪ ئي وقت 12 مهينا ۽ هر 12 مهينن ۾ هڪ مهينو ۽ سڄي عمر هر مهيني 3 ڏينهن جي قافلن ۾ سفر ڪري ۽ هن سفر جي معمول کي پنهنجي مٿان نافظ ڪري ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪري.
وڌيڪ ارشاد فرمائن ٿا: * قافلو نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جو ذريعو آهي * قافلو ڄڻ ته حيوان کي انسان بڻائي ڇڏي ٿو* قافلو تبليغ دين جو بهترين ذريعو آهي * قافلي ۾ دين جو درد ۽ اڻتڻ نصيب ٿئي ٿي * قافلي ۾ سفر ڪريو دنيا ۽ آخرت جا فائدا ٿيندا. اَلحمدُ لِلّٰہ! 3 ڏينهن، 12 ڏينهن، هڪ مهينو ۽ 12 مهينن جا قافلا سفر ڪندا ئي رهندا آهن، پر هاڻي ته ماهِه قافله شروع ٿي رهيو آهي. يعني مرڪزي مجلس شوريٰ جي طرفان نومبر مهيني کي ماهِه قافله طور ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.