Book Name:Tere Deen Ki Sarfarazi
موجود هئا، جن صحابه ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْہُم کي گهيري ۾ آڻي مٿن تير وسائڻ شروع ڪيا! هن حملي ۾7 صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْہُم شهيد ٿي ويا. حضرت عاصم رَضِیَ اللهُ عَنْہُ، جيڪي هن قافلي جا امير هئا، اهي به شهيد ٿي ويا. ٽي صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْہُم * حضرت خُبَيب * حضرت زيد * ۽ حضرت عبد الله بن طارق رَضِیَ اللهُ عَنْہُم قيد ڪيا ويا. ([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! هن موقعي تي هڪ تمام ايمان افروز واقعو به پيش آيو، توهان ڏسو ته جيڪي دين جي خدمت جي لاءِ پنهنجيون زندگيون وقف ڪري ڇڏيندا آهن، الله پاڪ انهن کي ڪيڏي نه عظمت عطا فرمائيندو آهي. روايت آهي ته حضرت عاصم رَضِیَ اللهُ عَنْہُ دعا ڪئي هئي ته: يا الله پاڪ! مون کي اهڙي توفيق عطا فرماءِ جو نه مان ڪنهن مشرڪ کي هٿ لڳايان ۽ نه ئي ڪو مشرڪ مون کي هٿ لڳائي.
تنهنڪري جڏهن پاڻ شهيد ٿي ويا ته بنو لِحيان قبيلي وارن چاهيو ته سندن مٿو مبارڪ انهن جي جسم کان جدا ڪيو وڃي، پر قربان وڃجي! الله پاڪ سندن غيبي حفاظت هينئن فرمائي جو اوچتو تمام گهڻيون ماکيءَ جون مکيون اچي ويون، انهن مکين کين پنهجي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو. اهڙيءَ طرح مشرڪ انهن کي هٿ لڳائڻ کان باز رهيا. ([2])
ربّ کے دَرْ پر جُھکیں، اِلْتجائیں کریں بابِ رحمت کُھلیں، قافِلے میں چلو!
غیبی اِمْداد ہو، گھر بھی آباد ہو لُطْفِ حق دیکھ لیں، قافِلے میں چلو! ([3])