Tere Deen Ki Sarfarazi

Book Name:Tere Deen Ki Sarfarazi

جيترو وڏو انگورن جو ڇِڳو هو. پاڻ انگور کائي رهيا هئا، جڏهن ته انهن ڏينهن ۾ مڪي ۾ انگور موجود نه هئا. ([1]) 

سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! دين جي خدمت جي لاءِ پاڻ کي وقف ڪرڻ وارن، هن عظيم ترين قافلي ۾ سفر ڪرڻ وارن تي الله پاڪ جي ڪرم نوازي ڏسو! رب ڪريم کين غيب مان رزق عطا فرمائي رهيو هو. 

قافلي وارن تي ڪرم ٿي ويو

هي ته صحابهءِ ڪرام جو عظيم ترين قافلو هو. اَلحمدُ لِلّٰہ! صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْہُم جي صدقي اڄ به جيڪي عاشقانِ رسول سان گڏ قافلن جا مسافر بڻجندا آهن، الله پاڪ جي فضل سان انهن تي به ڪرم ٿي ويندو آهي. مدينة الاوليا، ملتان (پنجاب، پاڪستان) جو هڪ اسلامي ڀاءُ هو. ويچارو بيروزگار هو. نوڪريءَ جي لاءِ ڪيترن ئي جاين تي درخواست ڏئي چڪو هو پر کين ناڪاميءَ کانسواءِ ڪجهه به هٿ نه آيو. هڪ دفعو سندن ملاقات هڪ اسلامي ڀاءُ سان ٿي، اسلامي ڀاءُ کين قافلي ۾ سفر جي ترغيب ڏني. سندن ذهن بڻجي ويو ۽ سچي دل سان قافلي ۾ سفر ڪرڻ جي لاءِ نالو لکرائي ڇڏيائون. سندن چوڻ آهي ته: اڃان قافلي ۾ سفر ڪرڻ جي نيت ئي ڪئي هئي ته هڪ ڪمپنيءَ طرفان نوڪريءَ جي آفر اچي وئي، تنهنڪري مون انٽرويو ڏنو ۽ پوءِ قافلي جو مسافر بڻجي ويس. اڃان قافلي ۾ سفر ڪندي ٻه ڏينهن ئي مَسَ گذريا هئا ته ڪمپنيءَ طرفان اطلاع ڏنو ويو ته توهان انٽرويو ۾ ڪامياب ٿي ويا آهيو. اهڙي طرح اَلحمدُ لِلّٰہ! قافلي جي برڪت سان مون کي روزگار ملي ويو. ([2]) 

نوکری چاہئے، آئیے آئیے                                                                         قافلے میں چلیں ، قافلے میں چلو


 

 



[1]... شرح زرقانی مع مواہب اللدنیہ، کتاب المغازی، بعث الرجیع، جلد: 2، صفحہ:483 ملتقطاً۔

[2]...سبل الہدیٰ  ، جماع ابواب سرایاہ...الخ، الباب الخامس عشر...الخ، جلد:6، صفحہ:43 ملتقطاً۔