Book Name:Tere Deen Ki Sarfarazi
ته اهو به پسند نه ٿو ڪريان ته منهنجي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي ڪو هڪ ڪنڊو به لڳي ۽ مان آرام سان ويٺو هجان. غير مسلمن ٻيهر چيو: اي خُبيب! اسلام کان ڦري وڃ! نه ته اسان توکي قتل ڪري ڇڏينداسين. فرمايائون: جان جو نذرانو ته تمام گهٽ آهي (اسلام جي لاءِ ته ان کان به وڏيون قربانيون ڏيڻ گهرجن).
کروں تیرے نام پہ جاں فِدا، نہ بس ایک جاں، دوجہاں فدا
دو جہاں سے بھی نہیں جی بھرا، کروں کیا کروڑوں جہاں نہیں([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! هاڻي حضرت خُبيب رَضِیَ اللهُ عَنْہُ ماڻهن جي هجوم تي نظر وڌي ڏٺائون ته اتي سڀ غير مسلم ئي هئا، پاڻ الله پاڪ جي حضور عرض ڪيائون: ياالله پاڪ! هتي ته مون کي سڀ دشمن ئي نظر اچي رهيا آهن، انهن مان ڪو به حضور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي بارگاهه ۾ منهنجو سلام نه پهچائيندو. اي مالڪِ ڪريم! تون ئي منهنجو سلام محمد صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي درٻار ۾ پهچاءِ.
حضرت اسامه بن زيد رَضِیَ اللهُ عَنْہُ فرمائن ٿا: بلڪل انهيءَ وقت پيارا آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مدينه منوره ۾ صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْہُم جي وچ ۾ تشريف فرما هئا، حضرت جبرائيل امين عَلَیْهِ السَّلَام حاضر ٿيا ۽ حضرت خُبيب رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جو سلام پهچايائون.
هاڻي مڪي وارن حضرت خُبيب رَضِیَ اللهُ عَنْہُ کي دردناڪ طريقي سان شهيد ڪري ڇڏيو. پاڻ زخمن سان چُور ٿي زمين تي ڪري پيا، سندن چهرو مبارڪ قبلي جي طرف ٿي ويو ۽ روح پرواز ڪري ويو. مڪي وارن بار بار سندن چهرو قبلي کان هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي پر سندن چهرو قبلي جي طرف ئي رهيو. ([2])