Book Name:Khatm e Daur e Risalat Pe Lakhon Salam
تنگ ٿي ماڻهو ڪنهن شفاعت ڪرڻ واري جي تلاش ۾ نڪرندا، ڳوليندا ڳوليندا حضرت آدم عَلَیْهِ السَّلَام ، پوءِ حضرت نوح عَلَیْهِ السَّلَام ، پوءِ حضرت ابراهيم خليل الله عَلَیْهِ السَّلَام ، پوءِ موسيٰ عَلَیْهِ السَّلَام جي خدمت ۾ پهچندا، ارشاد ٿيندو: نَفْسِي نَفْسِي، اِذْهَبُوْا اِلٰى غَيْرِيْ آخر حضرت عيسيٰ عَلَیْهِ السَّلَام جن جي خدمت ۾ حاضري ٿيندي، اتان به اهو ئي جواب ملندو. پاڻ عَلَیْهِ السَّلَام وڌيڪ فرمائيندا: اِذْهَبُوا اِ لَى مُحَمَّدٍ يعني هاڻي ٻئي ڏي وڃڻ جي ضرورت ناهي، هاڻي اوهين سڀ آخري نبي، محمد عربي جي بارگاهه ۾ حاضر ٿي وڃو.([1])
فقط اتنا سبب ہے، انعقادِ بزمِ محشر کا کہ اُن کی شانِ محبوبی دکھائی جانے والی ہے([2])
رسولَ انهيءَ جي خوشخبري ٻڌائڻ آيا آهن
پيارا اسلامي ڀائرو! هي صرف حضرت عيسيٰ عَلَیْهِ السَّلَام ئي ناهن، حضرت آدم عَلَیْهِ السَّلَام کان وٺي حضرت عيسيٰ عَلَیْهِ السَّلَام تائين جيترا به نبي تشريف فرما ٿيا، سڀ جا سڀ نبي آمدِ مصطفيٰ جي پرچار ڪندا آيا. قرآنِ ڪريم ۾ آهي ته اللہ پاڪ عالمِ ارواح ۾ (يعني هن دنيا کان پهريان هڪ جهان آهي، جتي روح هوندا آهن، ان جهان ۾) سڀني کي گڏ فرمايو، جن کي تاجِ نبوت عطا فرمائڻو هو، پوءِ انهن کان هڪ وعدو ورتو، اهو وعدو ڇا هو؟ اللہ پاڪ ان کي: 3 سيپاري سورت آل عمران، آيت نمبر 81 ۾ بيان فرمايو آهي. فرمايائين: مان توهان سڀني کي تاجِ نبوت عطا فرمائيندس، ڪتاب ۽ حڪمت توهان کي عطا ڪئي ويندي، پوءِ
ثُمَّ جَآءَكُمْ رَسُوْلٌ مُّصَدِّقٌ لِّمَا مَعَكُمْ
ترجمو ڪنزالعرفان: پوءِ توهان وٽ اهو عظمت وارو رسول تشريف آڻيندو جيڪو توهان جي ڪتابن جي تصديق فرمائڻ وارو هوندو.
يعني ان دوران جڏهن توهان جي نبوتن جو دور هلي رهيو هوندو، توهان