Book Name:Khatm e Daur e Risalat Pe Lakhon Salam
سان) به پڙهي سگهو ٿا ۽ مختلف موضوعن جي اعتبار سان پنهنجي گهربل موضوع جو به مطالعو ڪري سگهو ٿا، هن ايپليڪيشن ۾ سرچ آپشن جي سهولت به موجود آهي، جنهن جي ذريعي ڪا به حديث ۽ ان جي شرح تلاش ڪري سگهجي ٿي. (3): بهارِ شريعت موبائل ايپليڪيشن: هن ايپليڪيشن جي ذريعي ديني مسئلا پڙهي ۽ سکي سگهجن ٿا.
هر هفتي اميرِ اهلسنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه مدني چينل تي لائيو هفتيوار مدني مذاڪرو فرمائِن، سڀاڻي رات عشاء جي نماز کان پوءِ اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم! هفتيوار مدني مذاڪرو ٿيندو، جنهن ۾ شيخِ طريقت، امير اهلسنت مولانا الياس عطار قادري دامت برڪاتهم العاليه سوالن جا جواب به عنايت فرمائيندا. سمورا ذميدار ۽ عاشقانِ رسول هن مدني مذاڪري ۾ پاڻ به شرڪت فرمائين ۽ ٻين کي به ان جي دعوت ڏين. پياري پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ننڍپڻ کان وٺي اعلانِ نبوت تائين جا اهم ترين واقعا، پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي حياتِ طيبه جا چمڪندڙ پهلو، بيشمار معجزا، والدينِ ڪرمين، ازواجِ مطهرات، اولادِ اطهار، جليل القدر صحابه و صحابيات رَضِیَ اللهُ عَنْہم جا ايمان افروز تذڪرا. اهو سڀ ڪجهه ڄاڻڻ لاءِ مطالعو ڪريو: مڪتبة المدينه جو ڪتاب سيرتِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم. هن ڪتاب جو نارمل هديو 1120 روپيا آهي، پر 1500 هون يوم جشنِ ولادت جي اسپيشل ميگا ڊسڪائونٽ آفر تي توهان هي ڪتاب 952 روپين ۾ طلب فرمايو! پاڻ به پڙهو! ۽ ٻين کي به ان جي ترغيب ڏياريو! اهڙي طرح هن عظيم موقعي تي جلوسِ ميلاد لاءِ مدني پرچم (هر سائيز) مڪتبة المدينه تي دستياب آهي، اجتماع کان ويندي وقت لازمي وٺندا وڃو.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي سنت جي فضيلت ۽ چند آدابِ زندگي بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو. تاجدارِ رسالت، شهنشاھِ نبوت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِیْ فَقَدْ اَحَبَّنِیْ وَمَنْ اَحَبَّنِیْ كَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سنت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنت ۾ مون سان گڏ هوندو. ([1])