Book Name:Khatm e Daur e Risalat Pe Lakhon Salam
پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! اڄ جي رات بختن واري رات آهي * اڄ اسان گناھگارن، بد ڪارن جي قِسمت چمڪڻ جي رات آهي * شافِع محشر جي تشريف وٺي اچڻ واري رات آهي * غمخوارِ امت جي جلوه گري جي رات آهي * اڄ رات ان نبي جي آمد جي رات آهي...!! جو
ایمان ملا اُن کے صدقے قرآن ملا اُن کے صدقے
رحمٰن ملا اُن کے صدقے وہ کیا ہے جو ہم نے پایا نہیں
جنھن جي صدقي اسان کي سڀ ڪجھ مليو، انهن جا حق ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون * دنيا جي هر شيءِ کان وڌيڪ پاڻ سڳورن سان محبت ڪريون * پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو ادب ۽ احترام ڪريون * پاڻ سڳورن کي اللہ پاڪ جو سڀ کان آخري نبي مڃون * پاڻ سڳورن جي اصحابن ۽ اهلِ بيت سان محبت رکون * پاڻ سڳورن جي دشمنن کان بيزاري اختيار ڪيون * پاڻ سڳورن جي اطاعت ۽ فرمانبرداري ڪيون * پاڻ سڳورن جي بارگاھ ۾ خوب درود ۽ سلام جا نذرانا پيش ڪيون.
اسان کي وڌيڪ گهرجي ته انهن پياري پياري آقا، سهڻي سهڻي مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان دل ۽ جان سان محبت ڪيون، سندن سنتن تي عمل ڪيون، اهڙي زندگي گذاريون جهڙي پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم گذاري * پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي چهري تي ڏاڙهي سجائي، اسان کي به گهرجي ته اسان پنهنجن چهرن کي ڏاڙهين سان سجايون * پيارا آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سفيد لباس پسند فرمائيندا هئا، اسان کي به گهرجي ته اسان سنتن ڀريو لباس پائيندا ڪيون * پاڻ اڪثر عمامو شريف ٻَڌندا هئا، اسان کي به گهرجي ته پنهنجي آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي هن سنت تي به عمل ڪيون * پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اڪثر زلف رکيا، ته پوءِ اسان کي به زلف رکڻ گهرجن * پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي مسواڪ تمام گهڻو پسند هئو، عموماً وضو کان