Book Name:Khatm e Daur e Risalat Pe Lakhon Salam
اجتماع ڪريو! خوشيون ملهايو...!!
حضرت دائود عَلَیْهِ السَّلَام جيڪي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان تقريبن 1700 سترنهن سو سال پهريان دنيا ۾ تشريف فرما ٿيا، ان وقت حضرت دائود عَلَیْهِ السَّلَام پنهنجي قوم کي فرمايو: سَبِّحُوْا الرَّبَّ تَسْبِيحًا جَدِيدًا هاڻي هڪ نئين رنگ سان اللہ پاڪ جي تسبيح بيان ڪريو! سَبِّحُوْهُ فِيْ مَجْمَعِ الْاَبْرَارِ نيڪ ماڻهن جا اجتماع سجايو! انهن اجتماعن ۾ اللہ پاڪ جي پاڪائي بيان ڪريو!
وڌيڪ فرمايائون: بني اسرائيل کي گھرجي ته خوشيون ملهائين، چهرا خوش و خرم ڪري خوشين جو خوب اظهار ڪن، ان ڪري جو نورِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تمام جلد چمڪڻ وارو آهي.([1])
سُبْحٰنَ اللہ! خبر پئي ته
رُسُل اِنہی کا تو مُژْدہ سُنانے آئے ہیں اِنہی کے آنے کی شادِی رَچانے آئے ہیں([2])
پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! جن جي آمد جي پرچار انبياءِ ڪرام عَلَیْهم السَّلَام ڪندا رهيا، جن جي آمد جون خوشيون ملهائڻ تي اللہ پاڪ جا نبي ماڻهن کي اڀاريندا رهيا، اهي محبوبِ رحمٰن، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اسان گنهگارن جي قسمت سنوارڻ لاءِ آخري نبي بڻجي تشريف فرما ٿيا.
خالِقِ کُل اے رَبِّ عُلیٰ، شکر ترا کیونکر ہو ادا
ہم کو وہ مَحْبُوب دیا رُتبہ جس کا سب سے سِوا(اُونچا)
کیوں خاموش ہو اَہْلِ صفا، ہے یہ وقت مسرت کا
یعنی آج ہوئے پیدا شاہِ ہُدیٰ محبوبِ خُدا
قاسِمِ نعمت آپہنچے، مالِکِ جنّت آپہنچے