Khatm e Daur e Risalat Pe Lakhon Salam

Book Name:Khatm e Daur e Risalat Pe Lakhon Salam

لاءِ انهن جي هر هر ضرورت کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي.

(۳): عالمگير نبوت

پيارا اسلامي ڀائرو! آخري نبي هجڻ جو هڪ تقاضو اهو به آهي ته جيڪي آخري نبي بڻجي تشريف آڻن، انهن جي نبوت عالمگير هجي، ظاهر آهي ته آخري نبي جيڪڏهن هڪ علائقي جا نبي هجن ته ٻئي علائقي وارن کي نئين نبي جي ضرورت پيش ايندي. تنهنڪري اللہ پاڪ فرمايو:

وَ لٰكِنْ رَّسُوْلَ اللّٰهِ وَ خَاتَمَ النَّبِیّٖنَؕ           (پارو: 22، سورة احزاب: 40)

ترجمو ڪنزُ العرفان: پر الله جو رسول آهي ۽ سڀني نبين جي آخر ۾ تشريف وٺي اچڻ وارو آهي ۽ الله سڀ ڪجھ ڄاڻڻ وارو آهي.

 اهو ان ڳالھ جو به اعلان آهي ته پهريان جيڪي نبي تشريف آڻيندا هئا، اهي پنهنجي پنهنجي علائقن جا نبي هوندا هئا، حضرت ابراهيم عَلَیْهِ السَّلَام  بابل وارن ڏانهن نبي بڻجي تشريف فرما ٿيا، حضرت موسيٰ عَلَیْهِ السَّلَام  بني اسرائيل جا نبي بڻجي تشريف فرما ٿيا، حضرت موسيٰ عَلَیْهِ السَّلَام  بني اسرائيل ڏانهن نبي بڻجي تشريف فرما ٿيا، حضرت هود عَلَیْهِ السَّلَام  قومِ عاد ڏانهن نبي بڻجي تشريف کڻي آيا، حضرت صالح عَلَیْهِ السَّلَام  قومِ ثمود ڏانهن نبي بڻجي تشريف کڻي آيا پر قربان وڃجي! جڏهن محبوبِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي واري ۾ اهو اعلان ڪيو ويو ته پاڻ ڪنهن خاص قوم، ڪنهن خاص خطي جا نه بلڪ سڄي انسانيت جا نبي آهن.

(۴): ڪامل ۽ اڪمل سيرت

پيارا اسلامي ڀائرو! آخري نبي هجڻ جو چوٿون تقاضو اهو آهي ته آخري نبي جي سيرت ڪامل ۽ اڪمل هجي، ته جيئن قيامت تائين اچڻ واري هر هر انسان لاءِ انهن جي سيرت ۾ عملي نمونو ملي سگهي. تنهن ڪري اللہ پاڪ تڏهن فرمايو:

وَ لٰكِنْ رَّسُوْلَ اللّٰهِ وَ خَاتَمَ النَّبِیّٖنَؕ             (پارو: 22، سورة احزاب: 40)

                ترجمو ڪنزُ العرفان: پر الله جو رسول آهي ۽ سڀني نبين جي آخر ۾ تشريف وٺي اچڻ وارو آهي ۽ الله سڀ ڪجھ ڄاڻڻ وارو آهي.