Book Name:Khatm e Daur e Risalat Pe Lakhon Salam
جو ان اسان کي هن رات ۾ هڪ وڏي نعمت عطا فرمائي آهي.([1])
سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! ڇا شان آهي الله پاڪ جي نبين سڳورن جو...!! حضرت عيسيٰ عَلَیْهِ السَّلَام جن اهي شان وارا نبي آهن، جن جي علمِ غيب جي معجزي جو الڳ طور تي قرآنِ ڪريم ۾ ذڪر آيو آهي ۽ سندن علمِ غيب جو شان ڏسو! هزارين سال اڳ جي ڳالهه آهي، حضرت عيسيٰ عَلَیْهِ السَّلَام جن الله پاڪ جي عطا سان، علمِ غيب جي شان سان ان وقت امتِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو انداز ڏسي رهيا هئا، عشق جا رنگ ملاحظه فرمائي رهيا هئا، پاڻ ڄاڻندا هئا ته ولادتِ مصطفيٰ جي رات اها عظيم رات آهي جو امتِ مصطفيٰ هن رات جي قدر سڃاڻيندي، پنهنجي آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان ڪمال درجي جو عشق ڪندي، سندن ولادت جي رات کي سالياني جشن جي طور تي ملهائيندي.
نہ کیوں آج جھومیں کہ سرکار آئے خدا کی خدائی کے مُختار آئے
نہ کیوں بارہویں پر ہمیں پیار آئے کہ آئے اِسی روز سرکار آئے
وہ آئے دو عالم کے مختار آئے لو آج آئے امّت کے غمخوار آئے([2])
پيارا اسلامي ڀائرو! هتي هڪ ٻي ڳالهه تي غور فرمايو! حضرت عيسيٰ عَلَیْهِ السَّلَام جن محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي آمد جي خوشخبري ٻڌائڻ آيا هئا، جيڪي اهو ڄاڻندا هئا ته مون کان پوءِ صرف ۽ صرف احمد نبي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ئي تشريف آڻيندا، جيئن ته الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ فرمائي ٿو:
وَ اِذْ قَالَ عِیْسَى ابْنُ مَرْیَمَ یٰبَنِیْۤ اِسْرَآءِیْلَ اِنِّیْ رَسُوْلُ اللّٰهِ اِلَیْكُمْ مُّصَدِّقًا لِّمَا بَیْنَ یَدَیَّ مِنَ التَّوْرٰىةِ وَ مُبَشِّرًۢا بِرَسُوْلٍ یَّاْتِیْ مِنْۢ بَعْدِی اسْمُهٗۤ اَحْمَدُؕ (سيارو: 28، سورت: صف: 6)
ترجمو ڪنزُ العرفان: ۽ ياد ڪريو جڏهن عيسيٰ بن مريم فرمايو: اي بني اسرائيل! مان توهاني جي طرف الله جو رسول آهيان، پاڻ کان پهريان واري ڪتاب تورات جي تصديق ڪرڻ وارو آهيان ۽ ان عظيم رسول جي بشارت ڏيڻ وارو آهيان جيڪو مون کان پوءِ تشريف کڻي ايندو ان جو نالو احمد آهي.