Book Name:Khatm e Daur e Risalat Pe Lakhon Salam
پهريان، گهر ويندي، رات جو سمهڻ کان پهريان مسواڪ ڪرڻ جي فرمائيندا هئا، ايستائين جو پنهنجي آخري وقت ۾ به حضرت عائشه رَضِیَ اللهُ عَنْہا کان مسواڪ ڪرڻ جي خواهش فرمائي، اسان کي به گهرجي ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي هن سنت تي عمل ڪندي مسواڪ ڪرڻ جي عادت بڻايون.
سنّت کی طرف لوگو تم کیوں نہیں آجاتے کیوں سرْد گناہوں کا بازار نہیں ہوتا
سرکار کا عاشق بھی کیا داڑھی منڈاتا ہے کیوں عشق کا چہرے سے اظہار نہیں ہوتا
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
جشنِ ولادت جي خوشيءَ ۾ روزو رکو!
پيارا اسلامي ڀائرو! پنهنجي آقا، ڪريم آقا، رحيم آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ادا کي ادا ڪندي جشنِ ولادت جي خوشيءَ ۾ روزو به رکو.
ياد رهي! هي نفلي روزو آهي، جنهن کان ٿي سگهي، طبيعت ساٿ ڏي ته روزو رکڻ گهرجي. حديثِ پاڪ ۾ آهي: جنهن ثواب جي اميد رکندي هڪ نفل روزو رکيو، اللہ پاڪ ان کي دوزخ کان 40 سال (جي مسافت جي برابر) پري فرمائي ڇڏيندو. ([1]) معجمِ ڪبير جي روايت ۾ آهي: جنهن هڪ نفل روزو رکيو، ان لاءِ جنت ۾ هڪ وڻ لڳايو ويندو جنهن جو ميوو ڏاڙهونءَ کان ننڍو ۽ صُوف کان وڏو هوندو، اهو ماکي جهڙو مٺو ۽ خوش ذائقو هوندو، اللہ پاڪ قيامت جي ڏينهن روزيدار کي ان وڻ جو ميوو کارائيندو. ([2])
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم! جلوسِ ميلاد ۾ به خوب ڌوم ڌام سان شرڪت ڪرڻي آهي * جلوسِ ميلاد ۾ گاڏيون/ موٽر سائيڪل/ پيادل هر انداز سان ڀرپور تياري سان شرڪت ڪئي وڃي * جلوسِ ميلاد ۾ نظم و ضبط (Discipline) جو ڀرپور مظاهرو ڪيو! * جلوسِ ميلاد ۾ نعتون ۽