Share this link via
Personality Websites!
ہے عقیدۂ رضا سب سے آخری نبی! نعرہ ہے عطّؔار کا سب سے آخری نبی! ([1])
لوحِ محفوظ ۽ عقيدهءِ ختمِ نبوت
حديثِ پاڪ جي مشهور ڪتاب مسلم شريف ۾ آهي: اللہ پاڪ جي آخري نبي، محمدِ عربي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: اللہ پاڪ زمين ۽ آسمان جي پيدائش کان 50 هزار سال پهريان مخلوق جي تقدير لکي. ([2]) روايتن ۾ آهي: ان وقت لوحِ محفوظ تي جيڪو ڪجھ لکيو ويو، ان ۾ اهو به هو: اَنَّ مُحَمَّدًا خَاتَمُ النَّبِیٖن بيشڪ محمد صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سڀ کان آخري نبي آهن. ([3])
حضرت آدم عَلَیْهِ السَّلَام ۽ عقيدهءِ ختمِ نبوت
صحابيءِ رسول حضرت ابوهريره رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ کان روايت آهي، آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جڏهن اللہ پاڪ حضرت آدم عَلَیْهِ السَّلَام کي پيدا فرمايو ته کين انهن جو اولاد ڏيکاريو ويو، پاڻ پنهنجي اولاد مان ڪِن کي ڪن کان افضل ڏٺو، پوءِ پاڻ سڀ کان آخر ۾ بلند ۽ روشن نور ڏٺو، عرض ڪيائون: يَا رَبِّ! مَنْ هٰذَا؟ اي اللہ پاڪ! هي ڪير آهي؟ ارشاد ٿيو: اي آدم! هي توهان جو پٽ احمد ( صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ) آهي، اهو ئي اول آهي، اهو ئي آخر آهي، اهو ئي آهي جيڪو (روزِ قيامت) سڀ کان پهريان شفاعت ڪندو، انهيءَ جي شفاعت سڀ کان پهريان قبول ڪئي ويندي. ([4]) A صحابيءِ رسول حضرت جابر بن عبداللہ رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ کان روايت آهي ته اللہ پاڪ جي نبي حضرت آدم عَلَیْهِ السَّلَام جي ٻنهي ڪلهن جي وچ ۾ لکيل هو: مُحَمَّدٌ رَّسُوْلُ اللہِ خَاتَمُ النَّبِیّٖن محمد صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اللہ پاڪ جا رسول ۽ سڀ کان آخري نبي آهن. ([5])
تاجدارِ انبیا! سب سے آخری نبی! ہیں حبیبِ کبریا! سب سے آخری نبی!
[1] ...وسائلِ فردوس، صفحہ:51-52۔
[2] ...مسلم،کتاب القدر،باب حِجاج آدم و موسیٰ علیہما السَّلام،صفحہ:1023،حدیث:2653۔
[3] ... المواہب اللدنیہ، المقصد الاول...الخ، جلد:1، صفحہ:28۔
[4] ...مختصر تاریخ مدینہ دمشق،ما ورد فی اصطفائہ علی العالمین... الخ،جلد:2،صفحہ:111۔
[5] ...مختصر تاریخ دمشق لابن عساکر،ذكر ما خص بہ و شرف بہ ،جلد:2،صفحہ:137۔
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami