Book Name:Khatm e Daur e Risalat Pe Lakhon Salam
هي مهر مبارڪ پاڻ سڳورن جي مبارڪ ڪلهي تي ڇو هئي...؟ مسلمانن جا چوٿان خليفا حضرت علي المرتضيٰ رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ فرمائن ٿا: بَيْنَ كَتِفَيْهِ خَاتَمُ النُّبُوَّةِ، وَهُوَ خَاتَمُ النَّبِيِّينَ يعني پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ٻنهي ڪلهن جي وچ ۾ مهرِ نبوت هئي، ان ڪري جو پاڻ سڀني کان آخري نبي آهن.([1])
حضرت علامه بدر الدين عيني رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه لکن ٿا: جنهن ٿانوَ (يا تجوري وغيره) ۾ تمام گهڻو قيمتي سامان هجي، ان جي مٿان مهر لڳائي ويندي آهي ته جيئن ڪو ان کي کولي نه سگهي (جيئن اڄڪلھ اسان وٽ به پارسل جڏهن ايندا آهن، مثال طور اسان پري کان ڪا قيمتي شيءِ گهرايون ته پارسل کي سِيل ڪيو ويندو آهي، اهو ان ڪري هوندو آهي ته جيئن ڪو به ان پارسل کي کولي نه سگهي، جيڪڏهن ڪو کولڻ جي ڪوشش ڪندو ته پڪڙجي ويندو). اهڙيءَ طرح اللہ پاڪ نبوت جا سمورا انوار، سمورا فيضَ دلِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ۾ رکي مهر لڳائي ڇڏي. اها ان ڳالھ جي نشاني هئي ته نبوت پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي ختم ٿي وئي، هاڻي قيامت تائين ڪو نئون نبي پيدا نه ٿيندو.([2])
نہیں ہے اور نہ ہوگا بعد آقا کے نبی کوئی وہ ہیں شاہِ رسل ختمِ نبوت اِس کو کہتے ہیں
لگا کر پشت پر ُمہرِ نبوت حق تعالیٰ نے اِنہیں آخر میں بھیجا خاتمیت اِس کو کہتے ہیں([3])
پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! اڄ شبِ ولادتِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهي، ذڪرِ ولادتِ سرڪار به اسان ڪري رهيا آهيون ۽ ان سان گڏو گڏ شانِ ختمِ نبوت به ٻڌي رهيا آهيون. ان حوالي سان هڪ خوبصورت واقعو توهان کي ٻڌايان، ان کان پهريان ٿوري وضاحت ٻڌو!
زمانهءِ جاهليت ۾ ڪَهانت (غيب جون خبرون ٻڌائڻ) کي وڏي مقبوليت حاصل هئي. ڪاهن ان شخص کي چوندا هئا جنهن جو جنن سان رابطو هوندو