Book Name:Khatm e Daur e Risalat Pe Lakhon Salam
اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي سڄي دنيا ۾ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ ۾ مصروف آهي، توهان به هن ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو! * هفتيوار اجتماع ۾ شرڪت ڪندا ڪيو! * درسِ فيضانِ سنت ٻڌندا ۽ ڏيندا ڪيو! * علائقائي دوري ۾ شرڪت فرمائيندا ڪيو! * تفسير ٻڌڻ ٻڌائڻ جو حلقو لڳائيندا ڪيو يا ان ۾ شرڪت ڪندا ڪيو! * فجر لاءِ جاڳائيندا ڪيو! * مدرسة المدينه بالغان ۾ پڙهو يا پڙهائيندا ڪيو! * عاشقانِ رسول سان گڏ قافلن ۾ سفر فرمائيندا ڪيو! ان جي برڪت سان اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم! علمِ دين سکڻ، سنتون سکڻ، انهن تي عمل ڪرڻ ۽ ٻين کي نيڪي جي دعوت ڏيڻ جي سعادت نصيب ٿيندي. اللہ پاڪ اسان سڀني کي عمل جي توفيق نصيب فرمائي. اچو! قافلن ۾ سفر جي هڪ مدني بهار توهان کي ٻڌايان ٿو:
حيدرآباد جي هڪ محلي ۾ علائقائي دوري جي دعوت کان متاثر ٿي هڪ ماڊرن (Modern) نوجوان مسجد ۾ اچي ويو. بيان ۾ قافلن ۾ سفر جي ترغيب ڏني وئي ته هن قافلي ۾ سفر ڪرڻ لاءِ نالو لکرائي ڇڏيو. اڃا قافلي ۾ ان جي روانگي ۾ ڪجھ ڏينهن باقي هئا ته قضاءِ الٰهي سان ان جو انتقال ٿي ويو. ڪنهن گهر واري مرحوم کي خواب ۾ ان حالت ۾ ڏٺو ته هو هڪ سائي باغ ۾ نهايت خوش آهي ۽ پينگھي ۾ لڏي رهيو آهي. خواب ڏسڻ واري پڇيو، هتي ڪيئن آئين؟ ان نوجوان جواب ڏنو: دعوتِ اسلامي جي قافلي سان گڏ آيو آهيان، اللہ پاڪ جو وڏو ڪرم ٿيو آهي، منهنجي ماءُ کي چئجان ته هوءَ منهنجو غم نه ڪري مان هتي ڏاڍو سڪون سان آهيان.
لوٹنے رحمتیں قافلے میں چلو سیکھنے سنتیں قافلے میں چلو
پاؤگے بخششیں قافلے میں چلو جنّتیں بھی ملیں، قافلے میں چلو
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد