Book Name:Khatm e Daur e Risalat Pe Lakhon Salam
نثار تیری چہل پہل پر ہزار عیدیں ربیعُ الاوّل
سوائے ابلیس کے جہاں میں سبھی تو خوشیاں منا رہے ہیں ([1])
ھميشه هاڻي تنهنجو وارو آهي ٻارھين تاريخ
پيارا اسلامي ڀائرو!13 ربيعُ الاول شريف آچر تي 7 سيپٽمبر آهي، اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! اسان جي پياري ملڪ پاڪستان ۾ 7 سيپٽمبر تي يومِ ختمِ نبوت ملهايو ويندو آهي.
۽ توهان کي هڪ مزي جي ڳالھ ٻڌايان: اسان جيڪو 1500 هون جشنِ ولادت ملهائڻ جي سعادت حاصل ڪري رهيا آهيون، ان ۾ به آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي شانِ ختمِ نبوت جو اظهار آهي. مولانا حسن رضا خان صاحب رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمايو آهي نه:
تمام ہو چکی میلادِ انبیا کی خوشی ہمیشہ اب تری باری ہے بارہویں تاریخ [2]
مطلب ته پهريان انبياءِ ڪرام عَلَیْهم السَّلَام تشريف فرما ٿيا، اهي به تمام وڏي مرتبي وارا هئا، انهن جي به ولادت جون خوشيون ٿينديون رهيون آهن پر هاڻي آمنه جا لال تشريف وٺي آيا آهن، هاڻي 500 هون جشنِ ولادت هجي يا 1000 هون، 1500 هون جشنِ ولادت هجي يا 2000 هون هجي، هاڻي دنيا ۾ ڪو نئون نبي پيدا نه ٿيندو، قيامت تائين پوري ڪائنات ۾ صرف ۽ صرف ٻارھين جي چنڊ جو ئي نور چمڪندو رهندو.
صبح طیبہ میں ہوئی، بٹتا ہے باڑا نُور کا صدقہ لینے نُور کا آیا ہے تارا نُور کا
باغِ طیبہ میں سہانا پُھول پُھولا نُور کا مستِ بُو ہیں بلبلیں پڑھتی ہیں کلمہ نُور کا
بارہویں کے چاند کا مُجرا ہے سجدہ نُور کا بارہ بُرجوں سے جھکا ایک اِک ستارہ نور کا([3])
پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! اسان جا آقا، اسان جا مولا، اسان جا ملجا، اسان