Khatm e Daur e Risalat Pe Lakhon Salam

Book Name:Khatm e Daur e Risalat Pe Lakhon Salam

آنکھیں یہ نہیں سبزۂ مِژگاں کے قریب              چرتے ہیں فضائے لامکاں میں آہُو([1])

وضاحت: پياري محبوب جون هي مبارڪ اکيون، انهن کي عام اکيون نه سمجهو هي ته ڄڻ لامڪان ۾ ڦرندڙ هرڻ آهن جن کان ڪا ڳالھ لِڪيل ناهي.

(۲): ڪامل دين وارا نبي

پيارا اسلامي ڀائرو! آخري نبي هجڻ جو هڪ تقاضو اهو آهي ته جيڪي آخري نبي هجن، انهن وٽ هدايت ڪامل ۽ اڪمل هئڻ گهرجي، ظاهر آهي جيڪڏهن قيامت تائين اچڻ واري هر هر معاشري لاءِ هدايت نه هجي ته انهن کي نئين نبي جي ضرورت پيش اچي ويندي. مثال طور 1500 سال پهريان جو جيڪو دور هو ۽ اڄ جو جيڪو دور آهي، ان ۾ زمين آسمان جو فرق آهي، پهريان اُٺن تي سفر ٿيندو هو، هاڻي انسان هوائن ۾ سفر ڪري ٿو، پهريان ڪبوترن جي ذريعي پيغام موڪليا ويندا هئا، هاڻي موبائل جو زمانو آهي، پهريان هٿن سان ڪم ٿيندو هو، هاڻي مشين جو زمانو آهي، جيڪڏهن اسلام وٽ اڄ جي دور جي انسان لاءِ هدايت موجود نه هجي ته اڄ جي انسان کي نئين هدايت جي ضرورت پيش ايندي، تنهنڪري ضروري آهي ته جيڪي آخري نبي بڻجي تشريف آڻين، انهن وٽ هدايت به ڪامل ۽ اڪمل هجي ته جيئن قيامت تائين اچڻ وارن کي اها هدايت ڪافي هجي. تنهنڪري اللہ پاڪ جيڪو فرمايو:

وَ لٰكِنْ رَّسُوْلَ اللّٰهِ وَ خَاتَمَ النَّبِیّٖنَؕ      (پارو: 22، سورة احزاب: 40)

ترجمو ڪنزُ العرفان: پر الله جو رسول آهي ۽ سڀني نبين جي آخر ۾ تشريف وٺي اچڻ وارو آهي ۽ الله سڀ ڪجھ ڄاڻڻ وارو آهي.

اهو صرف عقيدهءِ ختمِ نبوت جو بيان ناهي بلڪ ان ڳالھ جو اعلان به آهي ته پهريان جيڪي انبياءِ ڪرام عَلَیْهم السَّلَام تشريف فرما ٿيا، انهن جو جيڪو دين هو، اهو زمانن جي لاءِ خاص هو، انهن جون ڏنل هدايتون انهن جي زماني تائين محدود هيون، هاڻي جيڪي محبوب نبي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تشريف فرما ٿيا آهن، انهن جي هدايت ڪامل ۽ اڪمل هدايت آهي، ان نبي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ذريعي انسانيت کي اهو سڀ ڪجھ سيکاريو ويو، جيڪو قيامت تائين


 

 



[1]... حدائقِ بخشش، صفحہ:444۔