Book Name:Khatm e Daur e Risalat Pe Lakhon Salam
پاڻ اهو به ڄاڻندا هئا ته سندن ولادت مبارڪ ڪڏهن ٿيندي، ڪهڙي رات جو اهي دنيا ۾ تشريف آڻيندا، اڃا پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم دنيا ۾ تشريف وڄين نه آيا هئا، ان کان هزارين سال اڳ، بلڪل ولادتِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي رات ڄڻ ته جشنِ ميلادِ مصطفيٰ جي محفل سجيل آهي ۽ انداز مبارڪ ڪيترو عظيم آهي، حضرت عيسيٰ عَلَیْهِ السَّلَام جن پنهنجن حوارين کي ان رات جو شڪر ادا ڪرڻ جو به حڪم ڏنو ۽ فرمايائون: اڄ اسان ميلادِ مصطفيٰ جيڪا ايندڙ ڪيئي صدين کان بعد ٿيڻي آهي، ان جي شڪراني ۾ 100 رڪعت نماز ادا ڪنداسين.
رُسل انہیں کا تو مژدہ سنانے آئے ہیں انہیں کے آنے کی خوشیاں منانے آئے ہیں
فرشتے آج جو دُھومیں مچانے آئے ہیں انہیں کے آنے کی شادی رَچانے آئے ہیں([1])
سرکار کی آمد! مرحبا! سردار کی آمد! مرحبا!
اچھّے کی آمد! مرحبا! سچّے کی آمد! مرحبا!
حُضُور کی آمد! مرحبا! پُرنور کی آمد! مرحبا!
پيارا اسلامي ڀائرو! سُبْحٰنَ اللہ! اسان جي آقا ۽ مولا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو ڪيڏو نرالو شان آهي، ڪيڏو نه مٿاهون مرتبو آهي جو حضرت عيسيٰ عَلَیْهِ السَّلَام جهڙا اعليٰ مرتبي وارا نبي عَلَیْهِ السَّلَام پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي آمد جون خوشيون ملهائيندا رهيا آهن.
تَصَدُّق ایسی رِفعت پر کہ برسوں قَبل دُنیا میں سُناتے آئے ہیں مُژْدہ حضرت عیسیٰ مُحَمَّد کا
نه صرف هن دنيا ۾، بلڪه قيامت واري ڏينهن به حضرت عيسيٰ عَلَیْهِ السَّلَام جن آخري نبي جو ئي ذڪر خير فرمائيندا، انهن جي طرف ماڻهن کي موڪليندا، روايت ۾ آهي ته قيامت واري ڏينهن ان جي آفتن، هولناڪين ۽ مصيبتن کان