Book Name:Khatm e Daur e Risalat Pe Lakhon Salam
حديثِ پاڪ ۾ آهي: اِنَّمَا الْاَعْمَالُ بِالنِّیَّات (عملن جو دارومدار نيتن تي آهي.)[1](
اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي. اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان ڪجهه سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون، نيت ڪريو! *الله پاڪ جي رضا جي لاءِ بيان ٻڌندس * بَاادب ويهندس * خوب تَوَجُّه سان بيان ٻڌندس * جيڪو ٻڌندس، ان کي ياد رکڻ، پاڻ عمل ڪرڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
رسولَ انهيءَ جي ئي ته خوش خبري ڏيڻ آيا آهن
روايتن ۾ آهي: هڪ ڀيري اللہ پاڪ جي نبي حضرت عيسيٰ عَلَیْهِ السَّلَام پنهنجي 12 حوارين کي گهرايو.
نوٽ: اهي ماڻهو جن کي ايمان جي حالت ۾ حضرت عيسيٰ عَلَیْهِ السَّلَام جي صحبت نصيب ٿي، انهن کي حواري چوندا آهن.
بهرحال پاڻ عَلَیْهِ السَّلَام 12 حوارين کي گهرايو، پنهنجي نبوت جي فيضَ سان انهن کي جنَن کي قابو ڪرڻ ۽ مريضن کي شفا ڏيڻ جي طاقت عطا فرمائي.
سُبْحٰنَ اللہ! معلوم ٿيو: انبياءِ ڪرام عَلَیْهم السَّلَام صرف خود ئي مشڪل ڪشا ناهن هوندا، جن تي نگاھِ ڪرم فرمائن، انهن کي به مشڪل ڪشا، حاجت روا بڻائي ڇڏيندا آهن.
خير! حضرت عيسيٰ عَلَیْهِ السَّلَام پنهنجي حوارين کي 2 طاقتون عطا فرمايون (1): جنن کي قابو ڪرڻ جي طاقت (2): مريضن کي شفا بخشڻ جي طاقت.
هي 12 حواري هئا، انهن سان گڏ پاڻ 70 وڌيڪ حواري مقرر فرمايا، هاڻي هي ڪل 82 ٿي ويا. هاڻي انهن 82 فردن جي جيڪا ڊيوٽي پاڻ لڳائي، اها وڏي ڪمال واري هئي. فرمايائون: هر هر شهر ۾ وڃو! ڳوٺ ڳوٺ پهچي وڃو!