Book Name:Khatm e Daur e Risalat Pe Lakhon Salam
سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا! جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: مڇون ڪٽايو، ڏاڙهيون وڌايو، مجوسين جي مخالفت ڪريو! ([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! ڏاڙهي رکڻ سنتِ مصطفيٰ بلڪ سنتِ انبياءِ آهي. اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ڏاڙهي مبارڪ هميشه هڪ مٺ جيتري رهندي هئي. جيڪڏهن هڪ مٺ جي مقدار کان وڌي ويندي هئي ته گهٽ ڪرائي ڇڏيندا هئا. پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ڏاڙهي مبارڪ ويڪر ۾ اهڙي هئي جو سينو مبارڪ ڀري ڇڏيندي هئي. ([2])
اسان جا پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڏاڙهي ڪوڙائڻ ۽ مڇون وڌائڻ کي سخت ناپسند فرمائيندا هئا. بهارِ شريعت ۾ آهي: ڏاڙهي ڪوڙائڻ يا هڪ مٺ کان گهٽ ڪرڻ حرام آهي. ([3])
مختلف سنتون سکڻ لاءِ مڪتبة المدينہ جي بهارِ شريعت جلد: 3 مان حصو 16 ۽ شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنت حضرت علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطار قادري رضوي دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِيَہ جو 91 صفحن جو رسالو 550 سنتون ۽ آداب خريد فرمايو ۽ پڙهو. سنتون سکڻ جو هڪ ذريعو دعوتِ اسلامي جي قافلن ۾ عاشقانِ رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر به آهي.
سنتیں سیکھنے تین دِن کے لئے ہر مہینے چلیں، قافلے میں چلو
اللہ پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي. اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صَلَّی اللہ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم .
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد