Khatm e Daur e Risalat Pe Lakhon Salam

Book Name:Khatm e Daur e Risalat Pe Lakhon Salam

جا ماويٰ، اسان جا حامي، مڪي مدني، محمد عربي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سڀ کان آخري نبي آهن. اللہ پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:

مَا كَانَ مُحَمَّدٌ اَبَاۤ اَحَدٍ مِّنْ رِّجَالِكُمْ وَ لٰكِنْ رَّسُوْلَ اللّٰهِ وَ خَاتَمَ النَّبِیّٖنَؕ-وَ كَانَ اللّٰهُ بِكُلِّ شَیْءٍ عَلِیْمًا۠(۴۰)

 (پارو: 22، سورة احزاب: 40)

 ترجمو ڪنزُ العرفان: مُحَمَّد توهان جي مَردن مان ڪنهن جو پيءُ نه آهي، پر الله جو رسول آهي ۽ سڀني نبين جي آخر ۾ تشريف وٺي اچڻ وارو آهي ۽ الله سڀ ڪجھ ڄاڻڻ وارو آهي.

هن آيت سڳوري جي تفسير*خود آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم به فرمائي *صحابهءِ ڪرام رَضِيَ اللہُ عنہم به هن جي تفسير بيان ڪئي *تابعين به بيان ڪئي *مطلب ته 15 صدين جي سڀني عالمن، محققن، مصنفن، مفسرن، محدثن، سڄي امتِ مسلمه متفقه طور تي اها ئي تفسير ڪئي ته محمد مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سڀ کان آخري نبي آهن، پاڻ سڳورن جي ولادت پاڪ کان پوءِ قيامت تائين ڪو نئون نبي پيدا نه ٿيندو. ([1])

شہِ انبیا ہے، خُدا کا ہے پیارا                                وہ نبیوں میں سُن لو! نبی آخری ہے

مُحَمَّد ہے اَحْمَد، ہے سُلطانِ بطحا                              وہ نبیوں میں سُن لو! نبی آخری ہے

ملائڪَ مُهرِ نبوت لڳائي ڇڏي

پيارا اسلامي ڀائرو! جڏهن پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم دنيا ۾ تشريف فرما ٿيا، ان وقت  مصطفيٰ ڪريم جي والده حضرت سيده آمنه رَضِیَ اللهُ عَنْہا تمام گهڻا عجائبَ ڏٺا، اللہ پاڪ جي قدرتن جا وڏا نظارا ڪيا. انهن مان ئي هڪ واقعو بيان ڪندي فرمائن ٿيون: جيڪو ڪجھ مان ڏسي چڪي هئس، اڃا ان تي تعجب ئي ڪري رهي هئس ته اوچتو 3 نوراني شخص منهنجي سامهون ظاهر ٿيا، انهن جي چهرن تي ايترو نور هو، ايترو نور هو، لڳي پيو ته سج انهن جي چهرن تي اڀريو آهي * انهن مان هڪ جي هٿ ۾ چانديءَ جو خوبصورت جڳ هو، جنهن مان مشڪ جي خوشبو نڪري رهي


 

 



[1]...فتاوی رضویہ،جلد:14،صفحہ:333 ملخصاً۔