Book Name:Khatm e Daur e Risalat Pe Lakhon Salam
ان ۾ عقيدهءِ ختمِ نبوت سان گڏوگڏ ان ڳالھ جو به اعلان شامل آهي ته هاڻي جيڪي نبي تشريف کڻي آيا آهن، اهي سڀ کان ڪامل سيرت وارا نبي آهن.
اللہ پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:
فَبِهُدٰىهُمُ اقْتَدِهْؕ (پاره: 7، الانعام: 90)
ترجمو ڪنزُ العرفان: پوءِ توهان انهن جي هدايت جي پيروي ڪيو.
لفظ اِقتداء جي معنيٰ آهي: ڪنهن ٻئي جي طريقي تي هلڻ، ڪنهن جهڙيون صفتون ۽ اخلاق پنهنجي اندر اپنائڻ جو اهو ٻيو شخص پهرين شخص جو نمونو بڻجي وڃي.([1])
يعني اي پيارا محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! سڀ انبياءِ ڪرام عَلَیْهم السَّلَام خاص خاص معاملن ۾ تمام گهڻا باڪمال هئا مثلاً حضرت نوح عَلَیْهِ السَّلَام جي قوتِ برداشت وڏي ڪمال جي هئي جو 950 سال تبليغ فرمائي، تڪليفون سَٺيون پر اُف به نه ڪيائون * حضرت ابراهيم عَلَیْهِ السَّلَام اول درجي جا سخي، خدا جي راهه ۾ قربانيون ڏيڻ وارا آهن * حضرت ايوب، حضرت اسحاق ۽ حضرت يعقوب عَلَیْهم السَّلَام اول درجي جا صابر آهن * حضرت موسيٰ عَلَیْهِ السَّلَام وڏن ڪامل معجزن وارا، مدبر ۽ حڪمت وارا آهن * حضرت يحيٰ ۽ عيسيٰ عَلَیْهم السَّلَام اول درجي جا زاهد آهن * حضرت اسماعيل عَلَیْهِ السَّلَام نهايت سچار، اول درجي جا سچي وعدي وارا آهن * حضرت يونس عَلَیْهِ السَّلَام اول درجي جا عاجزي ۽ انڪساري وارا آهن. مطلب ته تمام انبياءِ ڪرام عَلَیْهم السَّلَام ڪمالن وارا آهن ۽ خاص خاص اوصاف ۾ نهايت ئي اعليٰ درجي جو ڪمال رکڻ وارا آهن. اي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! اوهان انهن سڀني جي سڀني ڪمالن کي نهايت اعليٰ سطح تي اپنايو (بلڪ انهن انبياءِ ڪرام عَلَیْهم السَّلَام کان به ڪيترائي حصا وڌيڪ) سڀني ڪمالن جو مجموعو بڻجي وڃو!([2])
سُبْحٰنَ اللہ! ڪنهن فارسي شاعر ڪيڏي نه پياري ڳالھ فرمائي آهي: