Khatm e Daur e Risalat Pe Lakhon Salam

Book Name:Khatm e Daur e Risalat Pe Lakhon Salam

جو ڪل رقبو تقريبن 510 ملين مربع ڪلوميٽر آهي، پيارا آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مديني پاڪ جي سرزمين تي ويهي پوري زمين کي اهڙيءَ طرح ڏسي رهيا آهن، جيئن ماڻهو پنهنجي تريءَ کي ڏسندو آهي.

جيڪو نه هو، ان کي به ڏٺو

پيارا اسلامي ڀائرو! هاڻي انهيءَ حديث شريف جي هڪ ٻئي پاسي تي غور فرمايو! پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم صرف اهو نه چيو ته هن وقت دنيا ۾ جيڪو ڪجھ موجود آهي مان اهو سڀ ڏسي رهيو آهيان بلڪ فرمايائون: (هن وقت جيڪو ڪجھ آهي، ان کي ته ڏسي ئي رهيو آهيان، ان سان گڏوگڏ) قيامت تائين جيڪو ڪجھ ٿيڻو آهي، مان اهو سڀ به ڏسي رهيو آهيان. اها وڏي اهم (Important) ڳالھ آهي.*سائنس چاهي جيتري به ترقي ڪري  *جيترا به اوزار ايجاد ٿي وڃن *اسان جهڙيون مرضي مشينون استعمال ڪيون *لينز لڳايون پر معدوم شيءِ (يعني جيڪا اڃا پيدا ئي ناهي ٿي، ان) کي اسان نٿا ڏسي سگهون. اڄ سائنس ترقي ڪري چڪي آهي، سيٽلائيٽ جي ذريعي پوري دنيا کي اسڪرين تي ڏسي سگهجي ٿو پر جيڪو ڪجھ اڃا دنيا ۾ آهي ئي نه، ان کي اسان سيٽلائيٽ (Satellite) جي ذريعي به نٿا ڏسي سگهون.

فرض ڪريو! ڪنهن شهر ۾ هڪ وڏو ٽاور آهي، توهان سيٽلائيٽ جي ذريعي ان ٽاور کي ته ڏسي وٺندا پر هڪ سال کانپوءِ ان ٽاور جي جاءِ تي ڇا هوندو؟ اهو توهان سيٽلائيٽ جي ذريعي به نٿا ڏسي سگهو. قربان وڃجي! اهو اسان جي پياري محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو شان آهي، اڄ جي هن سائنسي دور ۾ نه بلڪ اڄ کان تقريبن ساڍا 15 سو سال پهريان پوري دنيا کي سيٽلائيٽ جي ذريعي نه بلڪ اللہ پاڪ جي ڏنل طاقت سان ڏسي رهيا هئا ۽ صرف ان وقت کي نه ڏسي رهيا هئا بلڪ قيامت تائين هن دنيا ۾ جيڪو ڪجھ ٿيڻو آهي، اهو سڀ به ڏسي رهيا هئا ۽ صرف وڏا وڏا واقعا ئي نه، وڏيون وڏيون شيون ئي نه بلڪ هن زمين جي ننڍن ننڍن ذرن ۾ جيڪي تبديليون اينديون رهنديون، اهي سڀ به ملاحظه فرمائي رهيا هئا.