Book Name:Khatm e Daur e Risalat Pe Lakhon Salam
هئي * ٻئي جي هٿ ۾ سائي زمرد جو 4 ڪنڊن وارو وڏو ٿالھ هو * ٽئين جي هٿ ۾ ريشمي ڪپڙي ۾ ويڙهيل ڪا شيءِ هئي. ٻيو شخص جنهن جي هٿ ۾ وڏو ٿالھ هو، ان ٿالھ پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سامهون ڪيو ۽ عرض ڪيو: اي محمد صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! هي دنيا آهي، اوهان پسند فرمايو ته ڪهڙي ڪنڊ کي پسند فرمائيندا؟ سيده آمنه رَضِیَ اللهُ عَنْہا فرمائن ٿيون: هي ٻڌي مون کي تجسس ٿيو ته ڏسان منهنجو لال ڪهڙي ڪنڊ کي پسند ڪري ٿو، ايتري ۾ محبوبِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجو مبارڪ هٿ مٿي کنيو ۽ ٿالھ جي وچ ۾ رکيو. ان شخص 3 ڀيرا چيو: ربِ ڪعبه جو قسم! اوهان ڪعبي کي پسند فرمايو آهي، اللہ پاڪ ڪعبي کي اوهان جو قبلو مقرر فرمائيندو.
دو عالَم میں روشن ہے اِکَّا تمہارا ہوا لامکاں تک اُجالا تمہارا
بنایا تمہیں حق نے مختار و حاکِم وہ کیا ہے نہیں جس پہ قبضہ تمہارا
بتوں سے کیا پاک قبلہ بنایا ہے مَمنُون و شاکِر یہ کعبہ تمہارا
ان کان پوءِ جيڪو ٽيون شخص هو، ان ريشمي ڪپڙي کي کوليو، ان مان هڪ مهر ڪڍي، اهڙي چمڪدار مهر هئي جنهن کي ڏسڻ سان اکين تي تِرورا ٿي رهيا هئا ان مهر کي چاندي جي جڳ ۾ 7 ڀيرا غسل ڏنو ويو، پوءِ محبوبِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ٻنهي ڪلهن جي وچ ۾ (ختمِ نبوت جي) مهر لڳائي وئي.([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! محبوبِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مبارڪ ڪلهي جي پوئين پاسي ڪبوتر جي آني جيان اڀريل گوشت مبارڪ هو، ان مان نوراني شعائون نڪرنديون هيون ۽ مشڪ جهڙي خوشبوءِ مهڪندي هئي، اڳوڻن آسماني ڪتابن ۾ پاڻ سڳورن جي نشانين مان هڪ نشاني اها به بيان ٿيل هئي ته پاڻ سڳورن جي پٺي مبارڪ تي مهرِ نبوت هوندي.
[1]... حجۃ ُاللہ علی العالمین، المبحث الرابع...الخ، القسم الثانی...الخ، ، الباب الثانی...الخ، صفحہ:168۔