Book Name:Khatm e Daur e Risalat Pe Lakhon Salam
حُسْنِ یُوسُفَ، دَمِ عیسىٰ، یَدِ بَیْضَا دَارِی
آنْچِهْ خُوبانْ ہَمَه دَارَنْدْ، تُو تَنْہَا دَارِی
مفهوم: يعني حضرت يوسف عَلَیْهِ السَّلَام کي حسن ۾ ڪمال مليو، حضرت عيسيٰ عَلَیْهِ السَّلَام ڦوڪ هڻي بي جانن ۾ جان وجهي ڇڏيندا هئا، حضرت موسيٰ عَلَیْهِ السَّلَام کي روشن هٿ جو معجزو عطا ٿيو، سڀئي وڏن وڏن ڪمالن وارا هئا پر اي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم انهن سڀني جا سمورا ڪمالَ اوهان جي اڪيلي ذات ۾ گڏ ڪيا ويا آهن.
سڀ کان اوليٰ ۽ اعليٰ اسان جو نبي
حضرت سيده آمنه رَضِیَ اللهُ عَنْہا فرمائن ٿيون: جڏهن حضور اقدس صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پيدا ٿيا ته مون ڏٺو ته هڪ تمام وڏو ڪَڪرُ آيو جنهن ۾ روشني سان گڏ گهوڙن جي هڻڪار ۽ پکين جي اڏامڻ جو آواز هو ۽ ڪجھ انسانن جون ٻوليون به ٻڌڻ ۾ اچي رهيون هيون. پوءِ هڪدم حضور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم منهنجي سامهون کان غائب ٿي ويا، مون ٻڌو، ڪو اعلان ڪري رهيو هو: محمد (صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) کي مشرق ۽ مغرب جو سير ڪرايو! انهن کي سمنڊن ۾ وٺي وڃو! ته جيئن سڄي ڪائنات کي انهن جو نالو، انهن جو حليو، انهن جي صفت معلوم ٿي وڃي، انهن کي سڀني جاندار مخلوق يعني جن و انس، ملائڪ ۽ جانورن ۽ پکين جي سامهون پيش ڪيو! * انهن کي حضرت آدم عَلَیْهِ السَّلَام جي صورت * حضرت شيث عَلَیْهِ السَّلَام جي معرفت * حضرت نوح عَلَیْهِ السَّلَام جي شجاعت * حضرت ابراهيم عَلَیْهِ السَّلَام جي خُلّت * حضرت اسماعيل عَلَیْهِ السَّلَام جي زبان * حضرت اسحاق عَلَیْهِ السَّلَام جي رضا * حضرت صالح عَلَیْهِ السَّلَام جي فصاحت * حضرت لوط عَلَیْهِ السَّلَام جي حڪمت * حضرت يعقوب عَلَیْهِ السَّلَام جي بشارت * حضرت موسيٰ عَلَیْهِ السَّلَام جي شدت (يعني جلال) * حضرت ايوب عَلَیْهِ السَّلَام جو صبر * حضرت يونس عَلَیْهِ السَّلَام جي طاعت * حضرت يوشع عَلَیْهِ السَّلَام جو الله پاڪ جي راھ ۾ جهاد * حضرت دائود عَلَیْهِ السَّلَام جو آواز * حضرت دانيال عَلَیْهِ السَّلَام جي محبت * حضرت