Book Name:Khatm e Daur e Risalat Pe Lakhon Salam
نعرا اهي ئي هلايا وڃن جيڪي پاڪستان مشاورت آفيس/ صوبائي آفيس کان جاري ڪيا وڃن * جلوسِ ميلاد ۾ هر UC/ وارڊ/ ٽائون جا نگران ۽ مختلف ذميداران پنهنجو بينر الڳ سان ٺهرائين جنهن تي پنهنجي UC/ وارڊ/ ٽائون جو نالو لکيل هجي * 12 ربيع الاول جي ڏينهن بعدِ ظهر کان عصر تائين جلوسِ ميلاد ۾ تمام ذميداران ۽ شعبن وارا مرحبا يا مصطفيٰ جون صدائون هڻندا اول کان آخر تائين شرڪت ڪن * شعبي جا 2 اسلامي ڀائر پنهنجي شعبي جو بينر کڻي اڳيان اڳيان هلي رهيا هجن، ان شعبي جا باقي اسلامي ڀائر انهن جي پويان پويان سِرُ جھڪائي، مدني پرچم کڻي، چپن تي نعتن جا نغما سجائي نهايت پروقار انداز ۾ شرڪت ڪن.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! دعوتِ اسلامي جديد ٽيڪنالاجي جي ذريعي به نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ ۾ مصروفِ عمل آهي. دعوتِ اسلامي جي I.T ڊپارٽمينٽ تحت هن مهل تائين ڪيتريون ئي موبائل ايپليڪيشن لانچ ڪيون ويون آهن؛ (1): تفسير صراطُ الجنان موبائل ايپليڪيشن: قرآنِ ڪريم پڙهڻ، ان کي سمجهڻ ۽ قرآنِ ڪريم جو فيضان لٽڻ لاءِ هڪ زبردست ۽ نرالي ايپليڪيشن آهي. ان جي ذريعي قرآن پاڪ ترجمي ۽ تفسير سان پڙهي نورِ قرآن سان سينو روشن ڪري سگهو ٿا. (2): فيضانِ حديث موبائل ايپليڪيشن: تمام پياري ايپليڪيشن آهي، ان جي ذريعي توهان پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جون حديثون ۽ انهن جي شرح پڙهي سگهو ٿا. هن ايپليڪيشن ۾ حديث پاڪ جا مشهور ڪتاب مثلاً * مِشڪوٰة المَصابيح ۽ ان جي اردو شرح مِرآة المَناجيح * الاربعين النووية اردو ترجمي ۽ شرح سان گڏ * رياض الصالحين اردو ترجمي ۽ شرح سان گڏ * اربعين حنفيه (اردو) * ۽ منتخب احاديث (اردو) شامل ڪيون ويون آهن * هن ايپليڪيشن جي مدد سان توهان احاديثِ مبارڪه کي ڪتابي صورت ۾ (يعني جلدن جي اعتبار