Khatm e Daur e Risalat Pe Lakhon Salam

Book Name:Khatm e Daur e Risalat Pe Lakhon Salam

عقیدہ سب صحابہ کا!        سب سے آخری نبی!       عقیدہ اَہْلِ بیت کا!       سب سے آخری نبی! ([1])

آخري هجڻ ۾ لڪيل فضيلتون

پيارا اسلامي ڀائرو! اللہ پاڪ فرمايو:

وَ لٰكِنْ رَّسُوْلَ اللّٰهِ وَ خَاتَمَ النَّبِیّٖنَؕ                  (پارو: 22، سورة احزاب: 40)

ترجمو ڪنزُ العرفان: پر الله جو رسول آهي ۽ سڀني نبين جي آخر ۾ تشريف وٺي اچڻ وارو آهي ۽ الله سڀ ڪجھ ڄاڻڻ وارو آهي.

اللہ پاڪ هي جيڪو وصفِ مصطفيٰ ذڪر ڪيو ته پاڻ خاتمُ النَّبِيِّين آهن، سڀ کان آخري نبي آهن. ياد رکو: هي صرف هڪ وصف ناهي، صرف هڪ فضيلت ناهي بلڪ هي هڪ وصفِ مصطفيٰ ڪيترن ئي اوصافِ مصطفيٰ جو مجموعو آهي.

اهو ڪيئن...؟ ٻڌو! اسان جا آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آخري نبي آهن، يعني سڀ کان آخري هادي (هدايت ڏيڻ وارا) آهن، هن جاءِ تي يعني نبوت جي معاملي ۾ آخري هجڻ جا تمام گهڻا تقاضا آهن، مثال طور

(۱): علمِ مصطفيٰ جي وسعت

*آخري نبي هجڻ جو مطلب آهي ته هاڻي قيامت تائين ڪو نئون نبي نه ايندو، تنهن ڪري ضروري آهي ته جيڪو آخري هجي، ان کي قيامت تائين جي معاملن جو علم به هجي، تڏهن ئي قيامت تائين لاءِ هدايت ڪافي ٿي سگهندي. جيڪو نبي آخري هجي پر ڪجھ صدين جي ئي معلومات رکندو هجي، ان کان اڳتي جو علم ان وٽ نه هجي، ظاهر آهي، اهو ايندڙ نسلن کي هدايت نه ڏئي سگهندو، جڏهن ايندڙ نسلن کي هدايت نه ڏئي سگهندو ته نئين نبي جي ضرورت پيش ايندي. تنهن ڪري ضروري آهي ته جيڪو آخري نبي هجي، ان وٽ قيامت تائين جي سڀني احوالن جو علم هجي، اهو آخري نبي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم قيامت تائين اچڻ واري هر هر لمحي، هر هر صدي، هر هر معاشري، هر هر قسم جي جدت، هر دور ۾ بدلجڻ وارن انسانن جي مزاجن،


 

 



[1] ...وسائلِ فردوس، صفحہ:51۔