Book Name:Khatm e Daur e Risalat Pe Lakhon Salam
جيڪڏهن شهر وارا، ڳوٺ وارا توهان جو سٺو استقبال ڪن، توهان کي کاڌو پيش ڪن ته کائو! جيڪڏهن نه ڏين ته شهرن جي گهٽين، رستن تي رهو، جيڪو بيمار ملي، ان کي شفا --ڏيندا وڃو! شهر وارا توهان کي قبول ڪن يا نه ڪن، هڪ اعلان توهان هر شهر ۾ ڪندا وڃو، سڀني کي ٻڌائيندا وڃو: قَدْ اِقْتَرَبَ مَلَکُوۡتُ السَّمَاوَاتِ بيشڪ آسمانن جي بادشاهت (يعني سڀني جهانن جي شهنشاھ جي آمد) ويجهو اچي وئي آهي.([1])
یہ کس شہنشاہِ والا کی آمد آمد ہے یہ کون سے شہِ بالا کی آمد آمد ہے
یہ آج کاہے کی شادِی ہے عرش کیوں جُھوما لبِ زمیں کو لبِ آسماں نے کیوں چوما
یہ آج تارے زمیں کی طرف ہیں کیوں مائِل یہ آسمان سے پیہم ہے نُور کیوں نازِل
فرشتے آج جو دھومیں مچانے آئے ہیں اِنہی کے آنے کی شادِی رچانے آئے ہیں
رُسُل انہی کا تَو مژدہ سُنانے آئے ہیں اِنہی کے آنے کی خوشیاں منانے آئے ہیں
یہ کس شہنشاہِ والا کی آمد آمد ہے یہ کون سے شہِ بالا کی آمد آمد ہے([2])
روايت ۾ آهي ته: هڪ ڀيرو اڌ رات جو وقت هو، الله پاڪ جي نبي حضرت عيسيٰ عَلَیْهِ السَّلَام جي حوارين (يعني پاڻ تي ايمان آڻڻ وارن خوش نصيبن) نماز ادا ڪئي، پوءِ حضرت عيسيٰ عَلَیْهِ السَّلَام جي چوڌاري گڏ ٿيا. اها هڪ نرالي رات هئي، انوکي رات هئي، ڪهڙي رات هئي؟ خود حضرت عيسيٰ عَلَیْهِ السَّلَام جن جي زباني ٻڌو!
پاڻ پنهنجن حوارين کي فرمايو: اڄ اها رات آهي جيڪا مسيحا رسول (يعني محمد مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) جي زماني ۾ سالياني جشن جي طور تي ملهائي ويندي، ان ڪري مان نه ٿو چاهيان ته اڄ اسان سمهي رهون، بلڪه اڄ اسان پنهنجي رب ڪريم جي حضور 100 رڪعت نماز ادا ڪنداسين، پنهنجي رب جي حضور سجدو ڪنداسين. وڌيڪ فرمايائون: اسان کي الله پاڪ جو شڪر ادا ڪرڻ گهرجي