Book Name:Khatm e Daur e Risalat Pe Lakhon Salam
پنهنجي نورِ نبوت جون روشنيون دنيا ۾ پکيڙي رهيا هوندا، ان دوران جيڪڏهن اسان جا محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تشريف فرما ٿين ته
لَتُؤْمِنُنَّ بِهٖ وَ لَتَنْصُرُنَّهٗؕ
ترجمو ڪنزالعرفان: ته توهان ضرور ضرور ان تي ايمان آڻجو ۽ ضرور ضرور ان جي مدد ڪجو.
پوءِ توهان کي اسان جي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو ڪلمو به پڙهڻو آهي، انهن جي خدمت به انجام ڏيڻي آهي.
قَالَ ءَاَقْرَرْتُمْ وَ اَخَذْتُمْ عَلٰى ذٰلِكُمْ اِصْرِیْؕ
ترجمو ڪنزالعرفان: (الله) فرمايو: (اي انبياء!) ڇا توهان (هن حڪم جو) اقرار ڪري ورتو ۽ ان (اقرار) تي منهنجو ڳرو ذمو کڻي ورتو؟
سڀني نبين عرض ڪيو:
قَالُوْۤا اَقْرَرْنَاؕ
ترجمو ڪنزالعرفان: اسان اقرار ڪيو.
هاڻي هتي هڪ سوال آهي ته: اللہ پاڪ کي ته معلوم هو ته جيستائين هي انبياءِ ڪرام عَلَیْهم السَّلَام دنيا ۾ موجود هوندا، تيستائين محبوبِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ولادت دنيا ۾ نه ٿيندي، ان جي باوجود انهن کان اقرار ڇو ورتو ويو ته جيڪڏهن توهان جي دورِ نبوت دوران محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تشريف فرما ٿيا ته توهان کي انهن تي ايمان آڻڻو پوندو. اها ڳالھ طئي هئي ته انهن انبياءِ ڪرام عَلَیْهم السَّلَام جي ظاهري زندگي ۾ تشريف ئي نه آڻڻو هو، پوءِ اقرار ڇو ورتو ويو؟
جواب: اهو آهي ته انبياءِ ڪرام عَلَیْهم السَّلَام کان اقرار ان ڪري ورتو ويو هو ته جيئن انهن جون دليون هر وقت آمدِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم لاءِ منتظر رهن، اهي هر وقت پنهنجن امتِين کي بس اهو ئي چوندا رهن ته بس آمدِ مصطفيٰ ويجهو آهي، اي انسانو! ٻڌي ڇڏيو...!! آمدِ مصطفيٰ ويجهو آهي. اهڙيءَ طرح هر دور ۾ ئي آمدِ مصطفيٰ جي پرچار ٿيندي رهندي.([1])