Safr e Haj Key Adab

Book Name:Safr e Haj Key Adab

حاجين جي  پاڻ ۾ محبت

اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! حج جي موقعي تي يا عمري لاءِ وڃڻ وقت، مسلمانن جي پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان محبت، همدردي، خلوص، اتفاق ۽ اتحاد نظر ايندو آهي. سموري دنيا کان مسلمان مڪي ۽ مديني ۾ حاضر ٿيندا آهن، هڪ ٻئي جي ٻولي کان به واقف نه هوندا آهن * هڪ کي عربي ايندي آهي، اردو نه ايندي آهي * ٻئي کي اردو ايندي آهي، عربي نه ايندي آهي * هڪ کي فارسي ايندي آهي، انگريزي نه ايندي آهي * ٻئي کي انگريزي ايندي آهي، فارسي نه ايندي آهي. زبانون مختلف هونديون آهن، هڪ ٻئي سان ڳالهه ٻولهه نه ڪري سگهندا آهن، پر محبت ۽ همدردي جو جذبو اهڙو شاندار هوندو آهي جو جيڪڏهن ڪنهن جي منهن تي پريشاني نظر اچي وڃي ته ...!! * اشارن سان پڇندا آهن ته ڀاءُ! ڪهڙي پريشاني آهي؟ * پوءِ ان پريشاني کي حل به ڪندا آهن * ڪو ويچارو بزرگ آهي، رستو ڀلجي ويو آهي، ان کي هٿ کان پڪڙي ڪيترائي ڪلوميٽر پري هوٽل تائين پهچائي ايندا آهن * ڄاڻ سڃاڻ نه هوندي آهي، تڏهن به سامان جي حفاظت ڪرڻ لاءِ ويهي رهندا آهن. مطلب ته هڪ ٻئي سان همدردي جو سلسلو هلندو رهندو آهي. ان کان به وڌيڪ مزي جي ڳالهه هي آهي ته هڪ ته مدد ڪندا آهن ۽ ٻيو ته سامهون وارو جيڪڏهن مهرباني چئي شڪريو ادا ڪرڻ چاهي ته ان کان پهريان مدد ڪرڻ وارو پاڻ مهرباني چئي شڪريو ادا ڪندو آهي ته ڀاءُ! تنهنجي مهرباني جو تون منهنجي مدد قبول ڪئي. مولانا حسن رضا خان صاحب رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو شعر آهي: 

آتا ہے فقیروں پہ انہیں پیار کچھ ایسا                                                     خود بھیک دیں، خود کہیں: منگتا کا بھلا ہو([1])

هن شانِ مصطفيٰ جو فيضان مسلمانن کي نصيب ٿيندو آهي ۽ ان جو پورو پورو اظهار مڪي ۽ مديني ۾ ٿي رهيو هوندو آهي.

ڪاش! اها سعادت اسان کي پنهنجن گهرن ۾ به نصيب ٿي وڃي * پنهنجن پاڙيسرين سان * پنهنجن دوستن سان * واقفڪار ۽ اڻ واقف هر هڪ عاشقِ


 

 



[1]... ذوقِ نعت، صفحہ:211۔