Safr e Haj Key Adab

Book Name:Safr e Haj Key Adab

۾ رقت پيدا ٿيندي، سينو محبتِ الهي جو خزانو بڻجي ويندو، پوءِ اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! الله پاڪ جي بارگاهه ۾ حاضري جو لطف ئي نرالو هوندو. 

تنهنڪري جيڪڏهن حج يا عمري جي تياري ڪري رهيا آهيو ته زادِ راهه ۾ تقويٰ کي به ضرور شامل ڪرڻ گهرجي ڇو ته اها بهترين زادِ سفر آهي.

حج جي سفر جا بهترين همسفر

 هڪ دفعي هڪ شخص حضرت حاتِمِ اَصَمّ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه کي عرض ڪيو: مون کي سَفرِ حج درپيش آهي، ڪو اهڙو هم سَفر ٻڌايو جنهن جي صحبتِ بابَرَڪت جو فيض ماڻيندي الله پاڪ جي بارگاهه ۾ حاضر ٿي سگھان. حضرت حاتِمِ اَصَمّ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمايو: اي ڀاءُ! جيڪڏهن تون هم نشيني چاهين ٿو ته تِلاوتِ قرآن جي هم نشيني (يعني صحبت) اختيار ڪر...!! (بحرالدموع ص 125) 

هي بهترين هم سَفر آهي. ڪثرت سان تِلاوت ڪريو، دل ۾ تقويٰ پيدا ٿيندي * گناهن کان بچو، دل نرم ٿيندي * نيڪين مٿان نيڪيون ڪريو، دل پاڪ صاف ٿيندي * گھڻي کان گهڻي توبهه ڪريو، اِسْتِغْفَار جي ڪثرت ڪريو،    اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دل پاڪ صاف ٿيندي ته سَفرِ حج جو لطف ٻيڻو ٿي ويندو. 

(4) سفرِ حج ۽  مساوات  جو درس

الله پاڪ وڌيڪ فرمايو: 

ثُمَّ  اَفِیْضُوْا مِنْ حَیْثُ اَفَاضَ النَّاسُ وَ اسْتَغْفِرُوا اللّٰہَ 

(پارو: 2،  سوره بقرہ: 199) 

ترجموڪنزالعرفان: پوءِ (اي قريش وار!) توهان به اتان کان موٽو جتان ٻيا ماڻهو موٽندا آهن.

هن آيت جي تفسير ۾ عُلماءِ ڪرام فرمائن ٿا: قريش جيئن ته تمام فضيلت وارو قبيلو آهي، تنهنڪري زمانهءِ جاھليت ۾ قريش وارن جي اها عادت هئي ته اهي عام ماڻهن جي نسبت پاڻ کي ممتاز رکندا هئا، ٿيندو ايئن هو جو هي مُزْدَلِفه ۾ ترسي پوندا هئا، عرفات نه ويندا هئا، باقي ماڻهو عرفان ڏانهن هليا ويندا هئا، هن ۾ اهي پنهنجي وڏائي سمجهندا هئا ته اسان عام ماڻهن جهڙا نه آهيون، اسان ٻين کان تمام افضل ۽ اعلى آهيون تنهنڪري اسان عام ماڻهن