Book Name:Safr e Haj Key Adab
پيارا سلامي ڀائرو! الله پاڪ وڌيڪ ارشاد فرمايو:
فَاِنَّ خَیْرَ الزَّادِ التَّقْوٰی
(پارو:2، سوره بقرہ:197)
ترجموڪنزالعرفان: پوءِ سڀ کان بهتر ثمر يقيناً پرهيزگاري آهي.
آيتِ ڪريمه جي هن حصي ۾ اسان کي هڪ ٻيو سبق ڏنو ويو آهي ته حج جو سفر هجي يا عمري جو سفر هجي ان جي لاءِ ضروري سامان ساڻ کڻڻو آهي ۽ خرچ جو به بندوبست ڪري هلڻو آهي. اهو عام طور تي ماڻهو ڪري رهيا هوندا آهن، وڏيون وڏيون پيتيون يا ٿيلها خريد ڪيا ويندا آهن، هڪ هڪ شيءِ احتياط سان سنڀالي رکي ويندي آهي، سُئي، ڌاڳو، سُرمو، ٽُوال، ننڍيون ننڍيون شيون به احتياط سان رکيون وينديون آهن. ايئن ڪرڻ درست آهي، اهي شيون رکڻ گهرجن، سنت مان به اسان کي ان جي ترغيب ملي ٿي. پر هڪ ٻي شيءِ به آهي، جيڪا هن سفر ۾ ساڻ رکڻي هوندي آهي، اها ڪهڙي شيءِ آهي فرمايو ويو:
فَاِنَّ خَیْرَ الزَّادِ التَّقْوٰی
(پارو:2، سوره بقرہ:197)
ترجموڪنزالعرفان: پوءِ سڀ کان بهتر ثمر يقيناً پرهيزگاري آهي.
بهترين زادِ راهه تقويٰ آهي. * هي سفرِ عشق آهي، هي سفرِ محبت آهي * هن سفر ۾ رِقت گهرجي، دل جي نرمي گهرجي * جڏهن ڪعبي شريف تي نگاهه پوي، اکين مان ٽپ ٽپ ڳوڙها ڳڙڻ شروع ٿي وڃن * جڏهن طواف ڪري رهيا هجون، الله پاڪ جي اڳيان حاضري جو تصور دل ۾ هجي * دل عاجزي سان جهڪيل هجي * اکيون ڳوڙها ڳاڙي رهيون هجن * قدم قدم تي دل ۾ محبتِ الٰهي ڇوليون هڻي رهي هجي، هن مبارڪ سفر ۾ اهي شيون ذوق وڌائڻ واريون آهن، هن مبارڪ سفر جون برڪتون ٻيڻيون ڪرڻ واريون آهن. اهي سڀ ڪيئن اينديون؟ جڏهن دل ۾ تقويٰ هوندي ۽ ائين نه آهي ته جڏهن اسان جهاز ۾ ويهنداسين ته تقويٰ اسان جي جهولي ۾ وِڌي ويندي، نه...!! اها تقويٰ اسان کي پاڻ سان گڏ کڻي وڃڻي آهي، پنهنجي گهر ۾ تقويٰ اختيار ڪرڻي آهي، عام زندگي ۾ تقويٰ اختيار ڪرڻي آهي، گناهن کان بچڻو آهي، نيڪيون ڪرڻيون آهن، ان جي برڪت سان دل