Book Name:Safr e Haj Key Adab
جيان ميدانِ عرفات نه وينداسين. ان تي هيءَ آيتِ ڪريمه نازل ٿي ۽ قريشين کي چيو ويو ته اوهان به عام ماڻهن سان گڏ ميدانِ عرفات ۾ پهچندا ڪريو...!!([1])
تفسير صراط الجنان ۾ آهي: هن مان معلوم ٿيو ته اسلامي احڪام برادرين جي اعتبار سان نه بدلجندا آهن ۽ نه ئي ڪنهن جي رتبي ۽ مقام جي ڪري انهن ۾ تبديلي ٿيندي آهي، بلڪه امير ۽ غريب، گوري ۽ ڪاري، عربي ۽ عجمي، سڀني جي لاءِ اسلام جا احڪام برابر آهن.[2]
پيارا اسلامي ڀائرو! هتي اسان کي مَسَاوات (يعني برابري) جو درس ڏنو ويو آهي. الله پاڪ جي بارگاهه ۾ پهتا ته سڀ هڪ ٿي ويا.
بندہ و صاحِب و محتاج و غنی ایک ہوئے تیری سرکار میں پہنچے تو سبھی ایک ہوئے
هي اسان جي لاءِ سبق آهي ته اسان کي غرور، تڪبر، وڏائي ۽ خودپسندي کان هميشه بچڻ گهرجي، اسان جي نالي سان ڀلي ڪيترا به لقب لڳل هجن، اسين ڪيڏي به وڏي پوسٽ تي هجون، ڪيتري ئي وڏي عهدي وارا هجون، ڪيترا به مالدار ڇو نه هجون، الله پاڪ جي درٻار ۾ اسان سڀ ٻانها آهيون. تنهنڪري وڏائي کان اسان کي هميشه بچڻو آهي.
هڪ بزرگ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: مون مڪي پاڪ ۾ صَفا ۽ مروه جي وچ ۾ هڪ خچر سوار ڏٺو، ڪجهه غلام پري ٿيو! پري ٿيو!! جون صدائون لڳائيندي هن جي اڳيان ماڻهن کي هٽائي رهيا هئا. ڪجهه عرصي کان پوءِ مون کي اهو ئي شخص بغداد ۾ وڏن وڏن وارن سان، اگهاڙن پيرن سان ۽ حسرت زده نظر آيو، مون حيرت مان پڇيو: الله پاڪ توسان ڪهڙو معاملو فرمايو؟ هن جواب ڏنو: مون اهڙي جاءِ (يعني مڪي پاڪ ۾) وڏائي چاهي جتي ماڻهو عاجزي ڪندا