Safr e Haj Key Adab

Book Name:Safr e Haj Key Adab

جي صحبت جي برڪت سان اسان تي به رِقّت طاري ٿيڻ لڳي، انھن سان گڏ اسان به (خوفِ خُدا ۽ عشقِ مصطفيٰ) ۾ روئندا هئاسين([1])

یادِ نبیِّ پاک میں روئے جو عمر بھر                                                                    مولیٰ مجھے تلاش اُسی چشمِ تر کی ہے

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!           صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان هڪ خوبصورت ۽ رِقت انگيز واقعو ٻڌو، ان ۾ اسان جي لاءِ سبق آهي، خاص طور تي حضرت بُهَيم عِجلي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي ڪردار تي غور فرمايو! ڪيترو نه پُر اثر ڪردار آهي...!! وڏو باڪمال هوندو آهي اهو شخص جيڪو صرف ڳالهيون نه ڪندو آهي بلڪه پنھنجي ڪردار سان ٻين جي زندگي بدلائي ڇڏيندو آهي، جنھن سان چار ڏينھن گڏ گذاري، ان جي سوچ، ذهن، ڪردار ۽ گفتار ۾ مثبت تبديليون آڻي ڇڏيندو آهي. 

حضرت بُهَيم عِجلي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي ڪردار ۾ اسان کي اهڙو ئي باڪمال شخص نظر اچي رهيو آهي. سندن ساٿي شروع ۾ انهن سان گڏ وڃڻ لاءِ تيار نه پئي ٿيو، پر جڏھن 4 ڏينھن انهن سان گڏ گذارڻ جي سعادت حاصل ڪيائين ته ان جا طور طريقا ئي بدلجي ويا، شروع ۾ گھڻو روئڻ کي بُرو سمجهندو هو، سندن گمان هو ته ان طرح سَفر خوشگوار نه ٿي سگهندو پر حضرت  بُهَيم رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي برڪت سان جڏھن کيس روئڻ جي لذت حاصل ٿي ته ان جو ئي ٿي ويو. 

هر مسلمان مبلغ آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! هڪ مسلمان جو ڪردار اهڙو ئي هجڻ گھرجي، هي ڳالهه ياد رکو ته! هر مسلمان مبلغ آهي، هر لمحي مبلغ آهي، هر وقت ۽ هر جڳهه تي مبلغ آهي. هڪ مسلمان جو اهو شان هوندو آهي ته * ان جي ڳالهين مان خوشبو ايندي آهي * ان جي  ڪردار مان خوشبو ايندي آهي * هو بي نمازين سان ويهي ته انهن کي نمازي بڻائي ڇڏيندو آهي * وياج خورن سان ويهي ته انهن کي رزقِ حلال ڪمائڻ جو عادي بڻائي ڇڏيندو آهي * غفلت ۾ ٻڏل ماڻهن ۾ ويهي ته انهن کي اللہ وارو بڻائي ڇڏيندو آهي. اهو هڪ مسلمان جو


 

 



[1] عیون الحکایات، الحکایۃ التاسعۃ و الخمسون...الخ، صفحہ:81 ملخصاً