Safr e Haj Key Adab

Book Name:Safr e Haj Key Adab

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!                                                     جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

پاڻي پيئڻ جون سنتون ۽ آداب

فرمانِ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم: اُٺ وانگر هڪ ئي ساهيءَ ۾ نه پيئو، پر ٻه يا ٽي دفعا (ساهه کڻي) پيئو ۽ پيئڻ کان اڳ ۾ بِسْم اللہ پڙهو ۽ پيئڻ کان بعد اَلْحَمْدُ للّٰہ پڙهندا ڪريو!([1])

اي عاشقانِ رسول! پاڻي هجي يا ڪا ٻي پيئڻ واري شيءِ * پيئڻ کان پهريان بِسْمِ اللہ پڙهو * ننڍا ننڍا ڍُڪَ ڀري چُوسي چُوسي پيئو، وڏا وڏا ڍُڪَ ڀري پيئڻ سان جگر(يعني جيري) جي بيماري پيدا ٿيندي آهي * پاڻي ٽن ساهِيُن ۾ ويهي ۽ ساڄي هٿ سان پيئو * لوٽي وغيره مان وضو ڪيو هجي ته ان جو بچيل پاڻي پيئڻ 70 بيمارين کان شِفا آهي، ڇو ته اهو آبِ زم زم شريف سان مشابهت رکندو آهي. انهن ٻنهي (يعني وضوءَ جو بچيل پاڻي ۽ زم زم شريف) کان سواءِ ٻيو ڪو به پاڻي بيهي پيئڻ مڪروهه آهي، هي ٻئي پاڻي قبله رو (يعني قبلي ڏانهن مُنهُن ڪري) بيٺي بيٺي پيئو * پيئڻ کان پهريان چڱي طرح ڏسو ته پيئڻ جي شيءِ ۾ ڪا نقصان ڪار شيءِ ته نه آهي * پيئڻ کان پوءِ اَلْحَمْدُ لِلّٰہ  پڙهو * امام غزالي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه  فرمائن ٿا: بِسْمِ اللہ پڙهي پيئڻ شروع ڪريو، پهرين ساهه جي آخر ۾ اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ، ٻئي ساهه کان پوءِ اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعَالَمِیْن ۽ ٽئين ساهه کان پوءِ اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعَالَمِیْنَ الرَّحْمٰنِ الرَّحِیم پڙهو. هي سٺو عمل آهي، نه به ڪيو ته ڪو حرج ناهي ۽ شروع ۾ بِسْمِ اللہ  ۽ آخر ۾ اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ  چوڻ سان به سنت ادا ٿي ويندي * گلاس ۾ بچيل مسلمان جي صاف سٿري پاڻي کي، استعمال جي قابل هئڻ باوجود هروڀرو نه اڇلايو * منقول آهي: سُؤْرُ الْمُؤْمِنِ شِفَاءٌ  يعني مسلمان جي اوبر ۾ شِفا آهي * پيئڻ کان ڪجهه گهڙيون پوءِ خالي گلاس


 

 



[1]...ترمذی، کتاب الاشربۃ، صفحہ:464، حدیث:1885۔