Safr e Haj Key Adab

Book Name:Safr e Haj Key Adab

ڪثرت سان روئڻ وارو حاجي

حضرت مُخَوَّل رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: حضرت بُهَيۡم عِجلي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه مون کي چيو: منھنجو حج ڪرڻ جو ارادو آهي، ڪنھن کي منھنجو رفيقِ سَفر (يعني ساٿي) بڻايو! منھنجو هڪ پاڙيسري به حج تي وڃڻ چاهي پيو، مون ان پاڙيسري کي حضرت بُهَيم عِجلي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو رفيق بڻائي ڇڏيو. 

  حضرت بُهَيم عِجلي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه تمام نيڪ ۽ متقي بزرگ هئا، خوفِ خُدا جي ڪري تمام گھڻو روئندا هئا. حضرت مُخَوَّل رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: منھنجي پاڙيسري کي جڏھن انھن جي روئڻ جي باري ۾ معلوم ٿيو ته مون وٽ آيو ۽ چيائين: آءٌ حضرت بُهَيم عِجلي ط سان گڏ نه ٿو وڃي سگھان، مون کي ڪنھن ٻئي جو رَفيق بڻايو! مون حيرت مان پڇيو: اسان جي سڄي شھر ۾ انھن جهڙو نيڪ ۽ بااخلاق شخص نه هوندو...!! پوءِ به تون انھن جي صحبت کان محرومي ڇو ٿو چاھين؟ پاڙيسري وراڻيو: اھي اڪثر روئندا رهندا آهن. انھن سان گڏ منھنجو سَفر خوشگوار نه ٿي سگهندو. فرمائن ٿا: مون پنھنجي پاڙيسري کي سمجھايو ته ھي تمام سٺا بزرگ آهن، نيڪ آهن، تقوا وارا آهن، انھن جي صحبت تنهنجي لاءِ تمام گهڻو فائديمند ٿيندي. اهو ٻڌي هو راضي ٿي ويو. 

 خير! سَفر شروع ٿيو، حج جو قافلو مڪي شريف ڏانهن روانو ٿي ويو. جڏھن اھي حج تان واپس موٽي آيا ته مان پنھنجي پاڙيسري وٽ ويس، هن منھنجو شڪريو ادا ڪندي چيو: اللہ پاڪ توهان کي جزاءِ خير عطا فرمائي، مون حضرت بُهَيم عِجلي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جهڙو ماڻھو ڪڏھن نه ڏٺو آهي، مان مالدار آهيان، هو غريب آهن، ان جي باوجود هو مون تي خرچ ڪندا هئا، اھي پيرسن هئڻ جي باوجود نفلي روزا رکندا هئا، مون بي روزائت جوان جي لاءِ کاڌو تيار ڪندا هئا ۽ منھنجي بيحد خِدمت ڪندا هئا. 

حضرت مُخَول رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: مون پڇيو: تون حضرت بُهَيم عِجلي  رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي روئڻ کان تمام گهڻو پريشان هئين، ھاڻي توهان جو ان جي باري ۾ ڇا خيال آهي؟ پاڙيسري جواب ڏنو: پھريان ته  مون سميت ٻيا قافلي وارا به انھن جي روئڻ جي ڪثرت سبب گھٻرائجي ويندا هئا، پر آھستي آھستي انھن