Book Name:Safr e Haj Key Adab
شان هوندو آهي. ڪاش! اسان سڀ اهڙا ئي ٿي وڃون. جيڪڏھن پاڻ اهڙا نه ٿا ٿي سگھون ته ڪاش! اهڙن جي صحبت ۾ ويھڻ وارا ٿي وڃون.
حديث شريف ۾ آهي، محبوبِ ذيشان، مڪي مَدَني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خدمت ۾ سوال ڪيو ويو: يارسولَ اللہ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! اَيُّ جُلَسَائِنَا خَيْرٌ؟ يعني يارسولَ اللہ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! اسان جو بھترين ھم نشين ڪير آهي؟
ان جو جواب غور سان ٻڌو، پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم بھترين ھم نشين جون ٽي نشانيون ٻڌايون، فرمايائون: (1): جنھن کي ڏسڻ سان توهان کي اللہ پاڪ جي ياد اچي (2): جنھن جون ڳالهيون ٻڌي توھان جي اندر عمل جو جذبو وڌي وڃي (3): جنھن جو عمل ڏسي توهان کي فِڪرِ آخرت نصيب ٿي وڃي (اهو توھان جو بھترين ھم نشين آهي.) [1]
ڪيڏي نه خوبصورت هي حديثِ پاڪ آهي، پياري مَحْبُوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا عطا ڪيل هي ٽي نقطا ڄڻ ته اسان جي لاءِ آئينو آهن. هڪ مسلمان جي پسنديده پوزيشن ڇا آهي؟ هي ٽي اوصاف. انهن جي ٻنهي پهلوئن کي پيشِ نظر رکو. * يعني مون کي سٺي صحبت گھرجي، جنھن سان مان دوستي ڪري رهيو آهيان، جنھن وٽ ويهان ٿو، مان ان ۾ اهي ٽيئي اوصاف ڏسندس (1): ڇا ان کي ڏسڻ سان اللہ ياد ايندو آهي؟ (2): ڇا ان جي ڳالهين سان عمل جو جذبو وڌندو آهي؟ (3): ڇا ان جو ڪردار ڏسڻ سان فِڪرِ آخرت ۾ اضافو ٿيندو آهي؟ جنھن ۾ اِهي ٽيئي ڳالهيون هونديون، مون کي ان سان دوستي ڪرڻي آهي، ان کي پنھنجو ھم سَفر بڻائڻو آهي. * اهڙي طرح ان جو ٻيو پهلو به آهي، اُهو هي ته جيڪو مون سان گڏ آهي، جيڪو مون کي پنھنجو دوست، پنھنجو رفيقِ سَفر بڻائڻ چاهي ٿو، اهو به منھنجي اندر اهي ئي ٽي شيون ڏسڻ چاهيندو هوندو. تنھنڪري مون کي به اهي ئي ٽيئي شيون پنھنجي اندر پيدا ڪرڻيون آهن* مٿي کان وٺي پيرن تائين منھنجو لباس، منھنجو حليو، منھنجو ڪردار، منھنجي گفتار سڀ ڪجھ سنت جي سانچي ۾ اهڙي طرح گهڙيل هجي جو ڏسڻ