Safr e Haj Key Adab

Book Name:Safr e Haj Key Adab

رَفِیْقُ الْحَرَمَیْن جو  تعارف

شيخِ طريقت، اميرِ اهلِ سنت، مولانا محمد اِلياس عطّار قادري دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه حجاج اسلامي ڀائرن ۽ اسلامي ڀينرن جي تربيت لاءِ تمام پيارو ڪتاب رَفِيْقُ الْحَرَمَیْن مرتب فرمايو آهي، هن ڪتاب ۾* حج ۽ عمري جو مڪمل طريقو    * مختلف مقامات تي پڙهڻ واريون دعائون * حج جا فرائض، واجبات، مڪروهات ۽ اهي ڪم جيڪي حج جي دوران حرام آهن * احرام ٻڌڻ جو طريقو، طواف ۽ سعيءَ جو طريقو * مختلف مقدس مقامات جا آداب    * اسلامي ڀينرن جي لاءِ ضروري احتياط * مقاماتِ مُقَدَّسہ جو تصويرن جي ذريعي تعارف * الغرض شريعتِ اسلاميءَ جي روشنيءَ ۾ حج ۽ عمري جو مڪمل طريقو ڄاڻڻ جي لاءِ رَفِيْقُ الْحَرَمَیْن ڪتاب جو مطالعو فرمايو، حج ۽ عمري تي وڃڻ وارن دوستن ۽ احبابن کي تحفتاً پيش ڪيو، وڌيڪ دعوتِ اسلاميءَ جي آفيشل ويب سائيٽ تان PDF جي صورت ۾ به ڊائون لوڊ ڪري سگهو ٿا.

حج ۽ عمره موبائل ايپليڪيشن

اي عاشقانِ رسول! اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! دعوتِ اسلامي جي آءِ ٽي ڊپارٽمينٽ هڪ تمام بهترين ۽ پياري ايپليڪيشن جاري ڪئي آهي  Hajj &Umrah (حج ۽ عمره). هن ايپليڪيشن جي مدد سان اوهان ڄاڻي سگهو ٿا:* حج ۽ عمري جو مختصر طريقو * حج ۽ عمري جا ضروري مسئلا * حج ۽ عمري جون دعائون * حرمين شريفين جي اهم زيارتي جاين جي معلومات * ٿري ڊي وڊيوز (3D Videos) جي ذريعي حج ۽ عمري جو عملي طريقو. اوهان به پنهنجي موبائل ۾ هيءَ ايپلي ڪيشن انسٽال ڪري وٺو! ان مان فائدو حاصل ڪريو ۽ ٻين کي به ان جي ترغيب ڏياريو.