Book Name:Safr e Haj Key Adab
رسول سان اسان اهڙي طرح همدردي ڪرڻ وارا * هڪ ٻئي جي ڪم اچڻ وارا * هڪ ٻئي سان اتفاق ۽ اتحاد سان رهڻ وارا ٿي وڃون.
پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: مسلمان پاڻ ۾ هڪ جسم وانگر آهن، جيڪڏهن هڪ عضوي کي تڪليف ٿيندي آهي ته سڀ عضوا متاثر ٿيندا آهن.([1])
مبتلائے درد کوئی عُضْو ہو، روتی ہے آنکھ کس قدر ہمدرد سارے جسم کی ہوتی ہے آنکھ
هڪ ٻي حديث ۾ فرمايائون: مسلمان ٻئي مسلمان جي لاءِ عمارت وانگر آهي، جيڪي هڪٻئي کي مضبوط ڪندا آهن. اهو فرمائيندي، محبوبِ خدا، سردارِ انبياء صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هڪ هٿ جون آڱريون ٻئي هٿ جي آڱرين ۾ وجھي ڇڏيون. ([2])
ایک ہو جائیں تو بن سکتے ہیں خورشیدِ مبیں ورنہ اِن بکھرے ہوئے تاروں سے کیا کام بنے
الله پاڪ! اسان کي اتفاق ۽ اتحاد جي توفيق نصيب فرمائي.
اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم .
حج جا وڌيڪ آداب ڪهڙا آهن؟ الله پاڪ ارشاد فرمايو
وَ تَزَوَّدُوْا
(پارو:2، سوره بقرہ:197)
ترجموڪنزالعرفان:۽ ثمر ساڻ کڻو.
روايتن ۾ آهي ته ڪجهه ماڻهو سفر جو ضروري سامان ۽ خرچ جو بندوبست ڪرڻ کان سواءِ ئي حج تي هليا ويندا هئا ۽ چوندا هئا ته اسان الله پاڪ تي توڪل ڪيون ٿا، جڏهن مڪي پاڪ پهچندا هئا ته کائڻ پيئڻ جي ضرورت پوڻ تي ماڻهن کان گُهرڻ شروع ڪندا هئا. انهن جي باري ۾ هيءَ آيت نازل ٿي ۽ فرمايو ويو: اي انسانو! پنهنجو سفر جو سامان ۽ ضروري خرچ وغيره کڻي حج لاءِ روانا ٿيو! ماڻهن