Book Name:Safr e Haj Key Adab
تنهائي ۽ پريشانيءَ جي عالَم ۾ مون غريب تي اهڙي ڪرم نوازي فرمائڻ کان پوءِ اها شخصيت جڏهن واپس موٽڻ لڳا ته مان چرين وانگر سندن دامن پڪڙي ورتو ۽ کانئن پڇيو: اي ڏکايل دل کي چين بخشڻ وارا...!! اوهان ڪير آهيو؟ هنن فرمايو: ڇا تون مون کي نه ٿو سڃاڻين؟ مان تنهنجو نبي مُحَمَّد صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهيان. تنهنجو والد گنهگار هو پر مون تي ڪثرت سان درود شريف پڙهندو هو، هن مون کي فرياد ڪئي، بيشڪ جيڪو مون تي ڪثرت سان درود پڙهندو آهي، مان ان جي فرياد ٻڌندو آهيان ۽ ان جي مدد فرمائيندو آهيان.
فریاد اُمّتی جو کرے حالِ زار میں ممکن نہیں کہ خیر بشر کو خبر نہ ہو([1])
نوجوان وڌيڪ چيو: ان کان پوءِ منهنجي اک کلي وئي، مون ڏٺو ته والد صاحب جو چهرو حقيقت ۾ جڳمڳائي رهيو هو.
دنیا وآخِرت میں جب میں رہوں سلامت پیارے پڑھوں نہ کیوں کر تم پر سلام ہر دم
لِلّٰہ ! اب ہماری فریاد کو پہنچئے! بے حد ہے حال اَبْتَرتم پر سلام ہر دم([2])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
حديثِ پاڪ ۾ آهي: اِنَّمَا الْاَعْمَالُ بِالنِّیّات عملن جو دارو مدار نيتن تي آهي۔ ([3])
اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي اچو ته بيان ٻڌڻ کان پهريان ڪجهه سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا. نيت ڪيو ته ! * الله جي رضا جي لاءِ بيان ٻڌندس *با اَدَب ويهندس* خوب توجهه سان بيان ٻڌندس * جيڪو ٻڌندس ان کي ياد رکڻ، پاڻ عمل ڪرڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد