Book Name:Safr e Haj Key Adab
حضرت ابراهيم بن ميسره رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: فحش ڪلامي (يعني بي حيائي واريون ڳالهيون) ڪرڻ وارو قيامت جي ڏينهن ڪتي جي شڪل ۾ اٿاريو ويندو([1]).
آئیں نہ مجھ کو وَسوسے اور گندے خیالات دِے ذہن کا اور دِل کا خُدا! قفلِ مدینہ ([2])
پيارا اسلامي ڀائرو! هي عبرت جهڙي ڳالهه آهي، اسان جا نوجوان اڄڪلهه جيڪي گنديون گنديون ڳالهيون ڪري رهيا آهن، انهن جو مثال به ماڻهو ڪهڙو ڏئي، اهڙيون بي حيائي واريون ڳالهيون ڪندا آهن جو باحيا شخص ٻڌي ته پنهنجن ڪنن تي هٿ لڳائي، اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ وارا هن مان عبرت حاصل ڪن ته جيڪو گنديون ڳالهيون ڪندو آهي، قيامت جي ڏينهن ان کي ڪتي جي شڪل ۾ اٿاريو ويندو.
عِصیاں کے سمندر میں پھنسی ناؤ ہماری تم آکے سنبھالو ہے بَہُت دُور کَنارا
افسوس! گناہوں سے ہے پُر نامۂ اعمال رکھئے گا مِری لاج قِیامت میں خُدارا
اهڙي طرح قرآن پاڪ ۾ به حج جي دوران جهيڙي کان منع ڪئي وئي آهي. ان مان اها ئي مراد آهي ته لڙائي جهڳڙو عام حالتن ۾ به خراب آهي، غلط ڪم آهي پر حج جي سفر دوران زيادهه خراب آهي. تنهنڪري اسان کي گهرجي ته هر وقت، هر گَهڙِي لڙائي ۽ جهڳڙي کان بچندا رهون. مان اوهان کي هڪ ڪم جي ڳالهه ٻڌايان؟ مسلمانن جو جيڪو سڀني کان وڏو دشمن آهي، جيڪو مسلمانن کي سڀ کان وڌيڪ نقصان پهچائڻ وارو آهي، اهو پنهنجو پاڻ ۾ لڙائي جهڳڙو ڪرڻ آهي. مان اوهان کي هڪ حديث شريف ٻڌايان ٿو، ڏاڍي خوبصورت حديث آهي، هن کي ٿورو سمجهڻ جي ڪوشش ڪريو.
مسلم شريف جيڪو حديث جو هڪ معتبر ڪتاب آهي ان ۾ روايت آهي ته: محبوبِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ارشاد فرمايو: زَوٰی لِیَ الْاَرْضَ منهنجي لاءِ زمين سميٽي وئي آهي، فَرَاَیْتُ مَشَارِقَہَا وَ مَغَارِبَہَا بس مون زمين جو اوڀر ۽ اولهه ڏسي ورتو آهي