Safr e Haj Key Adab

Book Name:Safr e Haj Key Adab

سُبْحٰنَ اللہ! ڇا شان آهي منهنجي آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو...!! ويٺا مديني شريف ۾ آهن، ڏسي سموري زمين رهيا آهن. اهو ئي ته اسان جو حاضر ۽ ناظر جو عقيدو آهي ته محبوبِ ذيشان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم گنبذِ خضريٰ ۾ تشريف فرما آهن ۽ سموري زمين کي پنهنجي سامهون ملاحظه فرمائي رهيا آهن. اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمايو آهي: 

شش جَہت سمتِ مقابِل روز و شب ایک ہی حال

دُھوم وَالنَّجْم میں ہے آقا تیری بینائی کی  ([1])

وضاحت: سمتِ مقابل يعني سامهون جي طرف. هي اسان عام ماڻهو   آهيون، اسان کي صرف اها ئي شيءِ نظر ايندي آهي جيڪا اسان جي اکين جي اڳيان هجي پر نگاههِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جو اهو ڪمال آهي جو پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم     هيٺ، مٿي، ساڄي، کاٻي، اڳيان، پويان هر طرف ڏسندا آهن، 6 ڇهه ئي طرف (يعني ساڄو، کاٻو، هيٺ، مٿي، اڳيان، پويان) پاڻ ط     لاءِ ائين آهن جيئن عام اکِ جي لاءِ سامهون وارو طرف هوندو آهي ۽ اهو ائين نه آهي ته ڪنهن ڪنهن وقت ٿيندو آهي پر ڏينهن رات، هر وقت، هر گھڙي پاڻ ط     جي نگاهه جو اهو ئي ڪمال آهي. جيڪڏهن ان جو دليل ڏسڻو هجي ته سيپارو 27، سوره وَ النَّجْم      پڙهو، الله پاڪ هن سورت ۾ پنهنجي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم   جي ڏسڻ جي قوت جو بيان فرمايو آهي.

  خير اڳتي حديث پاڪ ٻڌو! پياري محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جيستائين مون زمين کي ڏٺو آهي، تيسيتائين منهنجي امت جو جهنڊو لهرائيندو.

هي اسان جي لاءِ خوشخبري آهي ته زمين جي چپي چپي تي اسلام جو جهنڊو ڦڙڪي رهيو آهي ۽ آئنده به  اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! لهرائيندو رهندو.

  ان کان پوءِ پياري محبوب ط  دعا فرمائي، الله پاڪ جي بارگاهه ۾ 2  عرض پيش ڪيائون: (1): اي الله منهنجي امت کي قحط يعني ڏُڪار سان هلاڪ نه ڪجان. (2): اي الله پاڪ منهنجي امت تي دشمن کي مسلط نه ڪجان.


 

 



[1] حدائقِ بخشش، صفحہ:154