Safr e Haj Key Adab

Book Name:Safr e Haj Key Adab

هيءَ دعاءِ مصطفيٰ هئي، الله پاڪ ارشاد فرمايو: اي پيارا محبوب! صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  منهنجي فيصلن کي رد نه ٿو ڪري سگهجي، اي محبوب ط تنهنجي امت کي ڏُڪار جي ذريعي هلاڪ نه ڪيو ويندو ۽ دشمن چاهي انهن کي چئني طرفن کان گهيري وٺي پوءِ به دشمن کي انهن تي مسلط نه ڪيو ويندو. ها! (هڪ ڳالهه آهي) توهان جا امتي (پاڻ ۾ ئي هڪ ٻئي سان جهڳڙو ڪندا)، هڪ ٻئي کي قتل ڪندا ۽ هڪ ٻئي کي قيدي بڻائيندا. [1]

هي سبق سکڻ جي ڳالهه آهي، هن امت سان اهو واعدو ٿي چڪو آهي ته * هن امت کي قحط جي ذريعي هلاڪ نه ڪيو ويندو * ڪڏهن ڪڏهن ٿوري وقت لاءِ بارش جو رڪجي وڃڻ * جزوي طور کاڌي جي کوٽ ٿي وڃڻ، اها الڳ ڳالهه آهي پر اهڙو ڏُڪار نه ايندو جو سموري امت ئي هلاڪ ٿي وڃي * اهڙي طرح دشمن کي به هن امت تي مسلط نه ڪيو ويندو. يعني ايئن نه ٿيندو جو دشمن حملو ڪن ۽ سموري امت کي هلاڪ ڪري ڇڏين، ها! مسلمان پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان جهيڙا ڪندا * ڀاءُ ڀاءُ جو گريبان پڪڙيندو * هڪ ڪعبي جي طرف سجدو ڪرڻ وارا، هڪ قرآن کي پنهنجو امام بڻائڻ وارا، هڪ نبي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو ڪلمو پڙهڻ وارا،  ڪڏهن برادري جي بنياد تي جهيڙا ڪندا آهن * ڪڏهن سنڌي * ڪڏهن پنجابي * ڪڏهن پختون بڻجي پاڻ ۾ وڙهندا آهن * ڪڏهن جهيڙي جو سبب پئسو هوندو آهي * ڪڏهن ملڪيت تي جهيڙا ٿيندا آهن * وراثت جي ڪري قتل تائين ڳالهيون پهچنديون آهن * ڪڏهن صرف ذاتي انا ۽ تڪبر جهيڙن تي اڀاريندو آهي ۽ ڪيترائي قتل ٿي ويندا آهن. هي لڙايون، هي جهڳڙا اسان جا سڀ کان وڏا دشمن آهن. انهن جي نحوست سبب مسلمان ڪمزور ٿيندا آهن، خاندان ٽٽي ويندا آهن، پاڻ ۾ نا اتفاقي پيدا ٿي ويندي آهي، قوم ۽ ملت ۾ ڪمزوري اچي ويندي آهي ۽ نتيجي ۾ دشمن کي موقعو ملي ويندو آهي. تنهنڪري اسان کي گهرجي ته اسان هميشه پاڻ  ۾ اتفاق ۽ اتحاد سان رهون.


 

 



[1] مسلم، کتابُ الفتن و اشراط الساعۃ، باب ھلاک ھذہ الامۃ بعضہم ببعض، صفحہ:1106، حدیث: