Book Name:Safr e Haj Key Adab
وڏن وڏن ڪتابن جو حاصل مطلب اسان کي سيکاريو ويندو. * وڌيڪ هي ته ديني ماحول به ملندو * نيڪ ماڻهن جي صحبت به نصيب ٿيندي، ان جون پنهنجون برڪتون آهن.
هڪ اسلامي ڀاءُ جي بيان جو خلاصو آهي ته: اسان جي علائقي جو هڪ نوجوان، جيڪو پنهنجي والدين جو اڪيلو پٽ هو، غلط صحبت جي ڪري چرس جو عادي بڻجي ويو هو، گهر کان ٻاهر رهڻ سندس معمول هو، جنهن ڪري سندس والدين تمام گهڻو پريشان هئا. هڪ ڏينهن هڪ اسلامي ڀاءُ ان نوجوان کي سمجهائيندي کيس 63 ڏينهن جي تربيتي ڪورس ڪرڻ جي ترغيب ڏني، خوشقسمتيءَ سان هن مڃي ورتو ۽ تربيتي ڪورس ۾ شريڪ ٿي ويو.
اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ان نوجوان پنهجي گهر فون ڪري ٻڌايو ته تربيتي ڪورس ۾ تمام گهڻو لطف اچي رهيو آهي، وڌيڪ اهو ته مون پنهنجن سڀني گناهن کان توبهه ڪري ورتي آهي، هاڻي مان باجماعت نمازون ادا ڪري رهيو آهيان، سنتون سکي رهيو آهيان ۽ مون کي تمام گھڻو سڪون ملي رهيو آهي. اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! تربيتي ڪورس کان واپسيءَ تي هو واقعي بدلجي چڪو هو. سندس چهري تي ڏاڙهي ۽ مٿي تي عمامو سجيل هو.
اسلامي ڀاءُ وڌيڪ ٻڌايو ته ان نوجوان جي ماءُ روئي روئي دعوتِ اسلامي وارن کي دعائون ڏيندي آهي ته الله پاڪ کين سلامت رکي، ڇو ته انهن جي ڪوششن سان منهنجو بگڙيل پٽ نيڪ بڻجي ويو.
عطائے حبیبِ خدا دِینی ماحول ہے فیضانِ غوث و رضا دِینی ماحول
اگر سنَّتیں سیکھنے کا ہے جذبہ تم آ جاؤ دیگا سکھا دِینی ماحول ([1])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد