Book Name:Safr e Haj Key Adab
* هر ڇنڇر تي اميرِ اهلِ سنت مولانا محمد الياس قادري دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه مدني چينل تي لائيو هفتيوار مدني مذاڪرو فرمائيندا آهن، ايندڙ ڇنڇر تي به مدني چينل تي رات 9 لڳِي 15 منٽن تي اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! هفتيوار مدني مذاڪرو ٿيندو، جنهن ۾ شيخِ طريقت، اميرِ اهلِ سنت مولانا الياس عطار قادري دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه سوالن جا جواب به عنايت فرمائيندا. تمام ذميداران ۽ عاشقانِ رسول هن مدني مذاڪري ۾ پاڻ به شرڪت فرمائن ۽ ٻين کي به ان جي دعوت ڏين * شيخِ طريقت، اميرِ اهلِ سنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه يا خليفهءِ اميرِ اهلِ سنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه هر هفتي هڪ ديني رسالو پڙهڻ جي ترغيب به ارشاد فرمائيندا آهن، ايندڙ هفتي جي مدني مذاڪري ۾ رسالي مديني جون زيارتون جو اعلان ڪيو ويندو. هي رسالو پاڻ به پڙهو! ٻين کي به ان جي ترغيب ڏياريو ۽ جيڪي سوشل ميڊيا تي آهن، اهي هي رسالو ٻين سان شيئر (Share) به ڪن! * مڪتبةُ المدينه پيش ڪري رهيو آهي؛ عَشَرَہ مُبَشَّرَہ ۾ شامل عظيم الشان صحابيءِ رسول، حضرت عبد الرحمن بن عوف رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جي سيرتِ مبارڪه تي هڪ تمام پيارو رسالو نالي؛ حضرت عبد الرحمن بن عوف. اڄ ئي هن رسالي کي مڪتبةُ المدينه جي ڪنهن به شاخ تان 29 روپين ۾ قيمتاً طلب فرمايو، پاڻ به مطالعو ڪيو! ٻين کي به ان جي مطالعي ڪرڻ جي دعوت ڏيو!
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام جي طرف آڻيندي سنت جي فضيلت ۽ ڪجهه آدابِ زندگي بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪري رهيو آهيان. تاجدارِ رسالت، شھنشاہهِ نبوت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِي فَقَدْ اَحَبَّنِي وَمَنْ اَحَبَّنِي كَانَ مَعِي فِي الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سنت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنت ۾ مون سان گڏ هوندو. ([1])