Safr e Haj Key Adab

Book Name:Safr e Haj Key Adab

۾ پهچي صرف ڪعبي شريف جي زيارت ڪندو آهي ته ان تي ويھ رحمتون نازل ٿينديون آهن. 

 سُبْحٰنَ اللہ! هي ڪيڏا نه عظيم فضائل آهن، اللہ پاڪ اسان کي به حج  جو شوق نصيب فرمائي، ڪاش...! اسان به حج جي سعادت حاصل ڪيون.

بڑا حجّ  پہ آنے کو جی چاہتا ہے                                                                                             بُلاوا اب آ ئیگا کب یا الٰہی!

مَیں مکّے میں آؤں مدینے میں آؤں                                                                      بنا  کوئی  ایسا  سَبب  یا  الٰہی!

سفرِ حج جا آداب

پيارا اسلامي ڀائرو! حج سَفرِ عشق آهي ۽ هي سَفر سوز و گُداز ۽ رِقَّت سان ڀرپور هجي ته مزو ٻيڻو ٿي ويندو آهي. قرآن ڪريم ۾ هن پاڪ سَفر جا ڪجھ آداب بيان ڪيا ويا آهن، اسان کي گھرجي ته جڏھن به سَفرِ حج يا سَفرِ عمرہ جي سعادت ملي ته انھن آدابن جو لحاظ رکون. 

جيڪڏھن اها سعادت نه به ملي، تڏهن به هي آداب اهڙا آهن جو اسان کي پنھنجي روزمره زندگي ۾ انھن جو لحاظ رکڻ گھرجي. اهي آداب ڪهڙا آهن؟ اچو ته ! ٻڌون ٿا: 

(1)  لڙائي ۽ جهڳڙي کان پاڪ سفر

اللہ پاڪ فرمايو:

اَلْحَجُّ اَشْہُرٌ مَّعْلُوْمٰتٌ ۚ فَمَنْ فَرَضَ فِیْہِنَّ الْحَجَّ فَلَا رَفَثَ وَ لَا فُسُوْقَ  ۙ وَ لَا جِدَالَ فِی الْحَجِّ ؕ

(پارو:2، سوره بقرہ:197)

ترجموڪنزالعرفان: حج ڪجهه معلوم مهينا آهن ته جيڪو اِن ۾ حج جي نيت ڪري ته حج ۾ نه عورتن جي سامهون همبستري جو تذڪرو ٿئي ۽ نه ڪو گناهه ٿئي ۽ نه ڪنهن سان جهڳڙو ٿئي.

      آيتِ ڪريمه هن حصي ۾ حج جو هڪ ادب بيان ڪيو ويو آهي ته حج جي دوران هي 3 ٽي ڪم منع آهن: (1): رفث: هن جي معنيٰ آهي فحش ڳالهيون ڪرڻ، خاص طور تي عورتن جي باري ۾ جيڪي ڳالهيون ٿينديون آهن. زال مڙس جي مُتعلق