Safr e Haj Key Adab

Book Name:Safr e Haj Key Adab

جيڪي ڳالهيون ٿينديون آهن جيئن ڪجهه بيباڪ نوجوان تنهنجي زال، منهنجي زال وغيرهه جهڙيون ڳالهيون ڪندا رهندا آهن. اهڙين ڳالهين کي رفث چيو ويندو آهي.([1]) (2): فسوق: هن جي معنيٰ آهي گناهه ۽ برائي وارا ڪم (3): جدال:  هن جي معنيٰ آهي لڙائي ۽ جهڳڙو ڪرڻ.([2])

هي جيڪي ٽيئي ڳالهيون آهن (1): رفث (يعني فحش ۽ گنديون ڳالهيون) (2) فُسوق (يعني گناهه) (3)   جدال (يعني لڙائي ۽ جهڳڙو) عام ڏينهن ۾، پنهنجي گهر ۾، پنهنجي پاڙي ۾، پنهنجن دوستن جي محفل ۾ مطلب ته هر جڳهه تي منع آهن، پر حج، جيئن ته هڪ اهم عبادت آهي ۽ مڪو پاڪ حرم شريف آهي، ٻانهو احرام ٻڌي لَبَّیْک اَللّٰہُمَّ لَبَّیْک چئي خاص طور تي الله پاڪ جي بارگاهه ۾ حاضري جو عزم ڪري چڪو آهي، تنهنڪري انهن ٽنهي ڳالهين کان بچڻ انتهائي ضروري آهي.

پيارا اسلامي ڀائرو! هي 3 آداب آهن. جڏهن به حج  جي سعادت ملي، عمري تي وڃڻ جي سعادت نصيب ٿئي، انهن ٽنهي ڳالهين کان اسان کي لازمي بچڻو آهي. هن مبارڪ سفر ۾ گندين ڳالهين کان بچڻو آهي، بلڪه حق ته اهو آهي ته اسان زبان جو قُفلِ مدينه لڳائي ڇڏيون (يعني خاموشي اختيار ڪريون) صرف سٺيون ڳالهيون ڪيون، گناهن واريون ڳالهيون ڪرڻ ته پري جي ڳالهه آهي، فضول ڳالهيون به زبان تي نه آڻيون. اهڙي طرح ڪو به گناهه جو ڪم هن مقدس سفر جي دوران نه ڪرڻو آهي ۽ لڙائي ۽ جهيڙو به هرگز نه ڪرڻو آهي.

 ۽ جيسيتائين حج يا عمري جي سعادت نصيب نه ٿي ٿئي، تيسيتائين پنهنجي گهر، پنهنجي محلي، پنهنجي شهر ۽ دوستن جي محفلن وغيره ۾ به انهن ڳالهين کان بچڻو آهي.

 فحش ڪلامي جو  وبال

ترمذي شريف جي حديث پاڪ ۾ آهي: فحش گوئي (يعني بي حيائي واريون ڳالهيون) بداخلاقي جي هڪ شاخ آهي ۽ بداخلاقي جهنم ڏانهن وٺي وڃڻ واري آهي.[3] 


 

 



[1] تفسیر قرطبی، پارہ:2، سورۂ بقرہ، زیرِ آیت:197، جز:2، جلد:1، صفحہ:598 بتصرف۔

[2] حاشیہ جُمل مع جلالین، پارہ:2، سورۂ بقرہ، زیرِ آیت:197،  جلد:1، صفحہ:238 ۔

[3] ترمذی، کتاب البر و الصلۃ، باب ماجاء فی الحیاء، صفحہ:487، حدیث:2009۔